ميرپورخاص: صحت کاتي پاران ڪورونا ويڪسين بابت آگاهي مهم، ريلي

news

ميرپورخاص(رپورٽ:حبيب لغاري) صحت کاتي پاران ڪرونا ويڪسين بابت آگاھي جي سلسلي ۾ ڊي ايڇ او ڊاڪٽر مشتاق شاھ لڪياري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ويئي، ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙن جي ھٿن ۾ آگاھي جي حوالي مختلف پمفليٽ پڻ ھئا، ريلي شھر جو گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب پھتي.

ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر مشتاق شاھ لڪياري، سول سرجن ڊاڪٽر ھرچند، ڊاڪٽر سڄڻ راھمون ۽ ٻين چيو تھ پھرين مرحلي ۾ سڄي سنڌ اندر فرنٽ لائن ۾ ڪم ڪندڙ صحت کاتي جي 41 ھزار ملازمن کي ويڪسين ڪئي ويئي آھي جڏھن تھ ٻئين مرحلي ۾ جلد سينئر سٽيزن جنھن ۾ 60 سال ۽ ان کان مٿي جي عمر جي ماڻھن  کي ويڪسين ڪئي ويندي ان ڪري اسان عوام کي اپيل ٿا ڪريون ته وڌ کان وڌ ويڪسين ڪرائن ته جيئن ھن موذي مرض کان بچي سگھن.

ھنن چيو تھ جيستائين 80 سيڪڙو شھرين کي ويڪسين جو عمل مڪمل نھ ٿيندو  تيستائين شھري ڪرونا ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪن جنھن ۾ ماسڪ پائڻ ۽ سينيٽائزر استعمال ڪرڻ سميت سماجي وٿي لازمي آھي، ماضي ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرڻ سان ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪرونا جي وبا صرف 03 سيڪڙو ڦھلجي آھي، وبا جي مڪمل خاتمي تائين اسان  کي ايس اوپيز تي عمل ڪرڻ گھرجي ۽ شھرين کي اھو پڻ آگاھ ڪجي ٿو ته ھن ويڪسين جا ڪي بھ سائيڊ افيڪٽ نھ آھن ان ڪري شھري بنا ڪنھن خوف جي ويڪسين ڪرائن.