نوابشاهه: ڪپڙا استري دير سان ڪرڻ تي مڙس زال کي جيت مار دوا پياري ڇڏي

news

نوابشاهه(رپورٽ:فدا چانڊيو) ڀريا روڊ لڳ مڙس احمد علي پنهنجي گهرواري شوما کي تشدد بعد جيت مار دوا پياري ڇڏي، جنهن کي ڳڻتي جي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال آندو ويو.

ٻئي طرف مڙس پاڻ بچائڻ لاءِ گهر واري جي مائٽن کي ڌمڪيون به ڏنيون، حد جي پوليس کي خبر ملڻ باوجود جوابدار خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي آهي.