مديجي ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان نبيري دوران ٻن ڀائرن ۾ جهيڙو، پيءُ پٽ زخمي
ويب ڊيسڪ | 2 مھينا پھريان

مدئجي(رپورٽ:ايوب بروهي) مدئجي ويجهو ڳوٺ توربند ۾ ڪيهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار جو نبيرو هلندڙ هو ته فتويٰ دوران ٻنهي ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ دوران ڌرين پاران هڪ ٻئي مٿان لتن مڪن ۽ لٺين جو وسڪارو لاهي ڏنو، لٺيون لڳڻ سبب نوجوان قربان علي ۽ سندس والد محمد پريل زخمي ٿي پيو جن کي مدئجي اسپتال آندو ويو، جتان هڪ زخمي قربان ڪيهر کي دماغ جو ڌڪ هجڻ ڪري ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال اماڻيو ويو.
ان سلسلي ۾ اسپتال ۾ موجود زخمي محمد پريل ڪيهر ٻڌايو ته پنهنجي ڀاءُ سان سڱاوتي مسئلو هلندڙ هيو جنهن جون ڳالهيون ماستر شهزادو ڪيهر جي رهائشگاھ تي ٿيون، فتويٰ جي انتظار ۾ هئاسين ته مخالفن لٺين سان حملو ڪيو جنهن ۾ مان ۽ منهنجو پٽ زخمي ٿيا آهيون، ڳاهيجا ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر هن مهل تائين ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي.

80