ميهڙ:ڪولاچي ۾ ايريگيشن جون ڪارراويون، ڪيئي گهر ۽ دڪان پٽ ڪري ڇڏيا

news

ميهڙ(رپورٽ:جاويد سومرو) آبپاشي کاتي جي انجنيئر احمد نواز مگسي ۽ مختيار ڪار ميهڙ الله بخش مگسي جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ ڪولاچي ڀرسان رائيس ڪئنال جي ٻنهي ڪپرن تي اڏيل گهر، دڪان، مينهن جا واڙا ۽ ٻيون غير قانوني اڏاوتون ڪرين مشينن جي ذريعي ڊاهي پٽ ڪيون ويون آھن جنهن سبب متاثر کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھن.

ان موقعي تي غريب متاثرين پاران آبپاشي کاتي جي انجنيئر احمد نواز مگسي تي رشوت وٺڻ عيوض بااثر قبضا خورن کي سهولتون ڏيڻ جو الزام هڻندي چيو آھي ته آبپاشي کاتي جو انجنيئر احمد نواز مگسي ڪرپٽ ۽ راشي قسم جو ماڻھو آھي جيڪو رائيس ڪئنال جي ڪپرن تان قبضا هٽائڻ جي آڙ ۾ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو آھي جڏھن ته بي پهچ غريب مسڪين ماڻھن جا گهر مڪمل طور تي مسمار ڪري بااثر ماڻھن کان رشوت ۽ سياسي سفارشن عيوض کين رعايتون ڏيئي اسان سان وڏيون زياديتون ڪيون آھن جنهن جو ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊي سي دادو نوٽيس وٺن.

هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي آبپاشي کاتي جي انجينئر احمد نواز مگسي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاء ڪورٽ جي حڪمن تي واهن، شاخن، ڪئنالن ۽ بئراجن جي ٻنهي ڪپرن تي بااثر ماڻھن پاران ڪيل قبضا هٽايا پيا وڃن جڏھن ته رائيس ڪئنال مان نڪرندڙ 88 واهن شاخن, ڪئنالن ۽ بئراجن مان 15 شاخن تان قبضا هٽائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي.