ڄام نواز علي: چنگچي رڪشا ۽ چنگچي فٽا ۾ زوردار ٽڪر، اٺ ڄڻا سخت زخمي

news

ڄام نواز علي( خالد انور مگسي ) ٻيراڻي ٿاڻي جي حد ۾ ٽنڊو آدم ٻيراڻي  مين روڊ تي ڳوٺ ابراهيم مري وٽ  چنگچي لوڊر ۽ چنگچي فٽا ۾ زور دار ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ مختيار خاصخيلي، سندس زال حسنا، ڌي ڪرن، ڌي شمائلا، 30 سالا رب رکيو خاصخيلي، محمد حسن خاصخيلي، ڏنو خاصخيلي، روي ڪولهي ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي نازڪ حالت۾ ٻيراڻي جي بنيادي صحت مرڪز آندو ويو.

اسپتال بند ھئڻ ڪري کين شھرين ۽ پوليس پاران ڊاٽسن ۾ تعلقي اسپتال ٽنڊو آدم منٿقل ڪيو ويو جتان هڪ ڄڻي روي ڪولهي جي حالت نازڪ ھئڻ ڪري کيس سول اسپتال حيدرآباد نيو ويو، ٻيراڻي پوليس حادثي جو شڪار ٿيل رڪشائن کي ٿاڻي تي کڻي آئي واقعي جو ڪو ڪيس داخل نه ٿي سگهيوآهي.