پنوعاقل ڀرسان ڪارنھن الزام ھيٺ ٻٽو قتل، جوابدار فرار، علائقي ۾ خوف
ويب ڊيسڪ | 1 مھينو پھريان

پنوعاقل(رپوپرٽ:قربان ملڪ)بائجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ مصري ميراڻي ۾ جوابدار اصغر ميراڻي پنھنجي نوجوان پرڻيل ڀيڻ مسمات زينب ميراڻي زال نصر اللہ ميراڻي ۽ پنھنجي سوٽ عباس ميراڻي کي ڪارنھن جو الزام ھڻي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار ڀيڻ ۽ سوٽ کي الڳ الڳ گھرن ۾ وڃي قتل ڪري فرار ٿي ويو، اطلاع تي بائجي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ٻنھي مقتولن جا لاش کڻائي تعلقہ اسپتال پھچايا، جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.
ھوڏانھن ايس ايڇ او بائجي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تہ جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا ھڻي رھيا آھيون، جلد جوابدار کي گرفتار ڪري وٺندا سين، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نہ سگھيو هو.

87