مورو: معصوم صمل سان مبينا جنسي ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار گرفتار ٿي ويو
ويب ڊيسڪ | 1 مھينو پھريان

مورو(رپورٽ:وحيد مستوئي) مورو شهر جي ڳوٺ درس ۾ معصوم نينگري ٻئين ڪلاس جي شاگردياڻي صمل نور ڌيءُ عبدالجبار ميمڻ سان مبينا جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار علي جان عرف جاني عالماڻي کي درس ٿاڻي جي پوليس گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.
ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او درس ٿاڻو محمد اسلم سومرو ٻڌايو ته هڪ هفتو اڳ مذڪوره جوابدار ستن سالن جي معصوم نينگري صمل نور ڌيءُ عبدالجبار ميمڻ کي اسڪول ۾ کڻي وڃي جنسي ڏاڍائي جي مبينا ڪوشش ڪئي، اسڪول جي چوڪيدار کيس ڏسي ورتو جنهن ۾ جوابدار فرار ٿي ويو هو ۽ اهڙو ڪيس درس ٿاڻي تي نينگري جي والد داخل ڪرايو هو جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويو هو جنهن کي اڄ ڇاپو هڻي گرفتار ڪري ورتو آهي، پڪڙيل جوابدار کي سڀاڻي ريمانڊ جي لاء ڪورٽ سڳوري ۾ پيش ڪيو ويندو.

71