جيڪب آباد:بيدرديءَ سان قتل ڪيل هندو نوجوان جو ڪيس اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل

news

جيڪب آباد(رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي سٽي ٿاڻي جي حد ڏنگر محله ۾ ملندڙ لاش جي سڃاڻپ مھيش ڪمار جي ٿيڻ بعد نوجوان جي پيءُ اشوڪ ڪمار جي فرياد تي سٽي ٿاڻي تي اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، پوليس تشدد بعد آڱر ڪٽي گولي هڻڻ بعد ساڙي قتل ڪيل نوجوان جي ڪيس ۾ صرف 302 جو قلم لڳايو ويو، پوليس ڪيس جي مشيرنامي ۾ پيش ايندڙ واقعي جو رخ تبديل ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب نوجوان جو خون لوڙھڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، ھندو برادري پاران پوليس جي اھڙي اھم ڪيس ۾  لاپرواهي تي تاءُ پکڙيل آهي.

نوجوان مھيش ڪمار جي پڳڙين تي ايس ايس پي جيڪب آباد محمد طارق نواز پنچائتي ھال پھچي مقتول جي پيءُ اشوڪ ڪمار، ھندو پنچائت جي صدر لال چند سيتلاڻي سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪري نوجوان جي قتل ڪيس ۾ پھچي وڃڻ جو يقين ڏياريو آهي جڏهن ته ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ايس ايس پي جيڪب آباد اڄ اھم پريس ڪانفرنس ڪري قاتلن جا نالا وائکا ڪندو، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد محمد طارق نواز سان رابطو ڪيو ويو ته ان ٻڌايو ته نوجوان جي قتل ڪيس 90 فيصد تائين ڪاميابي ملي آهي نوجوان جي قتل جو ڪيس وارثن جي مرضي مطابق داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم ڊائري کولڻ بعد شامل ڪيا ويندا، سپريم ڪورٽ جو منع ٿيل آهي ان لاءِ جاچ بعد دھشتگردي جا نالا شامل ٿيندا جلد قاتلن کي وائکو ڪيو ويندو.