ڄام نوازعلي ويجهو روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل ٽنڊوآدم واسي ڳوٺاڻوفوت

news

ڄانواز علي(رپورٽ: خالدانور مگسي) ٻيراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ابراهيم مري سامهون ٻيراڻي- ٽنڊوآدم مين روڊ تي چنگچي رڪشا ۽ لوڊر ۾ ٽڪر روڊحادثي ۾ زخمي ٿيل  50 ورهين جو رب رکيو خاصخيلي حيدرآباد سول اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو آهي، ٻيراڻي پوليس ضروري ڪاروائي ڪرڻ  بعد فوتي جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو جنهن جو لاش ٽنڊوآدم لڳ ڳوٺ فيض محمد خاصخيلي ۾ سندس گھر پھچڻ تي وارثن ۾ ڪھرام مچي ويو.

ياد رهي ته  گذريل ڏينهن تيز رفتارچنگچي رڪشا ۽لوڊر ۾ ٽڪر  روڊ حا دثي ۾ 2عورتن سميت اٺ ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا جن مان ذڪر ڪيل ڳوٺاڻو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي.

آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.