نوابشاهه ۾ استاد پاران شادي جو آسرو ڏئي ٻئي هنڌ شادي ڪرڻ تان شاگردياڻي آپگهات ڪري ڇڏيو

news

نوابشاهه(رپورٽ: فدا چانڊيو) نور شادي هال نوابشاه ۾ چڪ 6 جي رهواسي استاد نياز مهر پاران ٻئي شادي ڪرڻ تي کيس ڪٽڪو ڏيندڙ سٺ ميل ڀرسان 18 شاخ جي رهواسڻ ناهيد مهر گهر ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو.  جنهن جي جنازي نماز سٺ ميل ڀرسان ادا ڪئي وئي. جڏهن ته علائقي واسين ۾ ڏک ۽ مايوسي ڇانيل آهي.

علائقي ۾ اهي چوٻول هلي رهيا آهن ته ناهيد مهر سان داد فرياد نه ٿيڻ ۽ زندگيءَ جون سموريون اميدون ختم ٿي وڃڻ تي هن انتهائي قدم کنيو. پوليس جيڪڏهن وقت تي ڪارروائي ڪري يتيم نياڻي سان انصاف ڪري ها ته هي وڏو واقعو پيش نه اچي ها.

هوڏانهن. خودڪشي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناهيد مهر چيو هو ته استاد نياز مهر وٽ ٽيوشن پڙهندي هئس هو مون کي دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪندو هو شادي جي آسري تي مون هن سان دوستي رکي هئي پر استاد نياز مهر پهرين شادي ڪئي جنهن تي مان خاموش هئس پر اڄ وري ٻئي شادي ڪري رهيو هو جنهن تي مان نوابشاهه شادي هال ۾ پهچي هن کي روڪيو ته خادم مهر مونکي وارن کان وٺي تشدد جو نشاڻو بڻايو مون پنهنجي بچاء ۾ ڇري کنئي جيڪا نياز مهر کي لڳي وئي.

نياڻي ناھيد مهر اھو به چيو ته مان يتيم آھيان منھنجو بابا فوت ٿي چڪو آهي. ناھيد ٿاڻي ۾ ئي دوکي کائڻ کان پوءِ مايوس ھئي ۽ زارو قطار روئي رھي ھئي، پوليس با اثرن جي ڪري معصوم شاگردياڻي جو خون لوڙهڻ ۾ رڌل آهي ۽ اڃان تائين ڪيس به داخل نه ڪيو،  پوليس بس خودڪشي جي ڪارروائي ڄاڻائي  اتفاقي واقعو قرار ڏيڻ جون تياريون ڪري رھي آھي.