نوابشاهه ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي ۽ چنگچي ۾ حادثو، ھڪ ڄڻو فوت، پنج شديد زخمي

news

نوابشاهه (رپورٽ: فدا چانڊيو) نوابشاهه ڀرسان سانگھڙ روڊ تي ٽي واٽر اسٽاپ  وٽ ٽريڪٽر ٽرالي چنگچي مٿان چڙھي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو فوت ويو آهي، 5 ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا آهن.

فوت ٿيل جي سڃاڻپ 25 ورهين جي مرتضيٰ بروهي طور ٿي آهي، جيڪو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته زخمين ۾ غلام عباس رند، جاويد بروهي، باسط بروهي، گل پسند بروهي ۽ شاھنواز بروهي شامل آهن.

فوتي ۽ زخمين کي پي ايم يو اسپتال آندو ويو، فوتي ۽ زخمي صبح سوير ڪيلن جي مزدوري لاءِ ويل ھئا، واپس پنھنجي ڳوٺ مينھان خان رند ڏانھن اچي رھيا ھئا ته حادثو پيش آيو.