ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ اڻ مڪمل ترقياتي اسڪيمن جو پبلڪ ھيلٿ کاتي جي ٽيم جائزو ورتو

news

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان جي پبلڪ ھيلٿ کاتي ۾ ڪروڙين رپين جي ٿيل ڪرپشن جو صوبائي سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ کاتي سنڌ پاران مختلف عوامي شڪايتن جو نوٽيس وٺڻ کانپوءِ جوڙيل ٽيم ٽنڊو محمد خان پهچي وئي ۽ ٽيم شھر جي مختلف اڻ مڪمل ترقياتي پبلڪ ھيلٿ کاتي جي اسڪيمن جو جائزو ورتو.

ٻئي طرف پبلڪ هيلٿ حيدرآباد جي چيف انجينئر سڪندر علي ميمڻ جي سربراهي ۾ جاچ ٽيم ٽنڊو محمد خان جي پبلڪ هيلٿ کاتي جي آفيس ۾ پهچي رڪارڊ چيڪ ڪيو، جنهن بعد ٽيم ٽنڊو محمد خان ضلعي جي مختلف علائقن جي اڻ مڪمل آرو پلانٽ ۽ واٽر سپلاءِ اسڪيمن جو دورو ڪيو ۽ اتي موجود ڳوٺاڻن کان معلومات ورتي.

ان حوالي سان پبلڪ هيلٿ کاتي حيدرآباد جي چيف انجنيئر سڪندر علي ميمڻ  صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته صوبائي سيڪريٽري سنڌ جي هدايتن تي ٽنڊو محمد خان پهتا آهيون، مليل شڪايتن جو جائزو ورتو آهي، وڌيڪ جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا پندرهن ڏينهن اندر پوري ضلعي جي ترقياتي اسڪيمن جو دورو ڪري رپورٽ ڏيندي، جنھن بعد ڪارروائي ڪئي ويندي.