نوابشاهه واسي جو ڌمڪيون ملڻ خلاف احتجاج، تحفظ جو مطالبو

news

نوابشاھ(رپورٽ:فدا چانڊيو) نوابشاھ جي عيدن شاھ ڪالوني لڳ جي رھواسي مُريد خان زرداري نوابشاھ پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي دانھيو آھي تہ منھنجي پُٽ عمران خان جي شادي قربان زرداري جي معرفت امبر عرف بشو ڌي اڪبر ڪوري سان ڪرائي بعد ۾ بنا سبب قربان زرداري جي چوڻ تي امبر ڪوري گھر مان نڪري پنھنجي مائٽن ڏانھن ھلي وئي جڏھن واپسي لاءِ اسان ڪوشش ڪئي تہ قربان زرداري امبر ڪوري، افضل ڪوري، اڪرم ڪوري اسان جي گھر تي بااثر جي چوڻ تي حملو ڪري منھنجي پُٽ عمران خان زرداري کي زخمي ڪيو ۽ گھر مان قيمتي سامان پڻ کڻي ويا جڏھن تہ عدالتي حڪم تي قربان، امبر، افضل ۽ اڪرم ڪوري تي بالو جا قبا ٿاڻي تي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي.

هن چيو ته بالو جا قبا پوليس جوابدارن خلاف ڪا بہ ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي ھاڻي جوابدار مونکي منھنجي پُٽ عمران سميت ٻين گھر ڀاتين کي نقصان پھچائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن انھي لاءِ اعليٰ اختيارين سميت آءِ جي پوليس سنڌ، ڊي آءِ جي پوليس شھيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي شھيد بينظير آباد ۽ ٻين اختيارين کي اپيل ٿو ڪيان تہ مونکي تحفظ فراھم ڪيو وڃي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.