news
اسلام آباد

فعال ٽيڪس ڏيندڙن جو انگ ٽيهه سيڪڙو کان گهٽ ٿي ويو

اسلام آباد: ملڪ ۾ فعال ٽيڪس ڏيندڙن جي انگ ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي ٿي وئي آهي.

فعال ٽيڪس ڏيندڙن جو انگ تقريبن 22 لک تائين پهتو آهي، گذريل ڏينهن فيڊرل بورڊ آف روينيو فعال ٽيڪس ڏيندڙ جي 2021 جي فهرست جاري ڪئي آهي.

22 لک فعال ٽيڪس ڏيندڙ نيشنل ٽيڪس نمبر(اي ٽي اين) رکندڙ انهن ماڻهن جو وڏو حصو آهي جيڪي ملڪ ۾ بزنس ته ڪن پيا پر ٽيڪس ريٽرن جمع ناهن ڪرائيندا، يعني پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪندڙ ۽ اين ٽي اين رکندڙ هر ٽن ۾ ٻه ماڻهو ۽ ڪمپنيون ٽيڪس ريٽرن جمع نٿا ڪرائن.