هاڻ والدين يو ٽيوب تي ٻارن جي سرگرمين تي نظر رکي سگهندا

news

ڪيليفورنيا: (اڱارو 02 مارچ 2021ع)  گذريل سال ڪورونا وبا جي دوران سموري دنيا ۾ خاص طور تي ٻارن جي وڏي انگ يو ٽيوب جو رخ ڪري ورتو هو جتي هنن تعليمي، تفريحي ۽ ٻين وڊيوز  مان فائدو ورتو. پر ان سان گڏ ئي والدين اها به شڪايت ڪئي آهي ته انهن جا ٻار اهڙيون وڊيوز به ڏسندا آهن جيڪي هنن جي لاءِ مناسب نه هونديون آهن.

  ان ٻارن جي حوالي سان يو ٽيوب ڪڊز جي ايپ به موجود آهي پر ٻار وڏا ٿيندي ئي پاڻ يو ٽيوبر بڻجي ويندا آهن ۽ انهن جي دلچسپي جو دائرو وڌيڪ ٿي ويندو آهي. هاڻ ان حوالي سان به هر وڊيو انهن جي لاءِ مناسب ناهي هوندي ان ڪمي کي نظر ۾ رکندي يو ٽيوب انتظاميه  نوان آپشن پيش ڪيا آهن. ان نئين آپشن جي بدولت پاڻ والدين به پنهنجي ٻارن جي يو ٽيوب سرگرمين سان جڙي انهن تي نظر رکي سگهن ٿا.

انهن آپشنن ۾ ايڪسپلو، ايڪسپلو مور ۽ موسٽ آف يو ٽيوب شامل آهن. ايڪسپلو: هن آپشن ۾ يو ٽيوب ڪلز مان مٿانهيون وڊيوز موجود آهن جيڪي 9 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جي ٻارن جي لاءِ آهن. ايڪسپلو مور: هن ۾ عمر جي حد 13 سال يا ان کان ڪجهه وڌيڪ آهي جن ۾ لائيو اسٽريمز به شامل آهن.موسٽ آف يو ٽيوب: هن جي بدولت اوهان سموريون وڊيوز ڏسي سگهو ٿا پر صرف اهي نٿا ڏسي سگهو جنهن تي 18 سالن جي حد لاڳو هوڳندي آهي انهن ۾ حساس موضوع به شامل آهن.