حيدرآباد ۾ اسريٰ يونيورسٽي اسپتال جي ملازمن جو پگهار نه ملڻ خلاف احتجاج، روڊ بلاڪ

news

مسوڀرڳڙي (رپورٽ: پانچورام) اسريٰ يونيورسٽي اسپتال جي هزارين ملازمن پگهار نه ملڻ جي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

خبر موجب اسريٰ يونيورسٽي اسپتال ۾ وڏي عرصي کان قاضي برادران ۽ ڊاڪٽر نذير اشرف لغاري وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ جي ڪري هزارين ملازمن پاران پگهار رولڙي جي شڪار ٿيڻ سبب ڪالهه هزارين ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪرڻ سان گڏوگڏ نيشنل هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا.

ان موقعي تي ملازمن جو اهو چوڻ آهي ته اسان غريب ملازم آهيون، اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو هر مهيني اسان غريبن جي پگهار دير ڪن ٿا، جنهن جي ڪري اسان جي گهرن ۾ فاقاڪشي جي صورتحال آهي.

ٻئي طرف قاضي برادران جو چوڻ آهي ته اسپتال توڙي يونيورسٽي جي داخلا جي مد ۾ ملندڙ پئسا ڊاڪٽر نذير اشرف جي اڪائونٽ وڃن ٿا، هو پنهنجن ملازمن جي پگهار ڪري رهيو آهي، جيڪي ملازم سالن کان ڪم ڪري رهيا آهن انهن جي پگهار بند ڪري ملازمن سان ٻٽو رويو اختيار ڪيو پيو وڃي.

احتجاجي مظاهري ۾ اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ سوين ماسيون پڻ احتجاج شريڪ ٿيون، جن جو چوڻ هو ته اسان غريب ملازمن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، اسان جي پگهار بند ڪئي وئي آهي، اسان جا ٻچا بکن ۾ آهن ڪير به اسان جي ٻڌڻ وارو ناهي.

هڪ طرف ٻن ڌرين جي جهيڙي سبب غريب ملازم طبقو پيسجي رهيو آهي ۽ ملازمن کي عتاب جو پڻ نشانو بڻايو پيو وڃي. قاضي برادران پاران مقرر ڪيل ملازمن کي نذير اشرف لغاري گروپ وارا برداشت نٿا ڪن ته ٻئي طرف ڊاڪٽر نذير اشرف جي ملازمن کي وري قاضي برادران عتاب جو نشانو بڻائي رهيا آهن.

هٽڙي پوليس ڌرڻي واري هنڌ پهچي ملازمن سان ڳالهيون ڪيون، مٿين سطح ڳالهين ٿيڻ کانپوءِ احتجاج ختم ڪري روڊ کولرايو، ان يقين ڏيارڻ سان ملازمن کي پگهار جاري ڪرڻ جي حقيقي بنيادن تي ڪوششون ڪيون وينديون.