پنوعاقل ۾ مهان شاعر شيخ اياز جي جنم ڏينهن جي سلسلي ۾ تقريب ڪوٺائي وئي

news

پنو عاقل (رپورٽ: قربان ملڪ) سنڌي ٻوليءَ جي مهان شاعر شيخ اياز جي 98 هين جنم ڏينهن جي سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران پني عاقل شاخ جي سهڪار سان پريس ڪلب پني عاقل ۾ کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي.

جنهن جي صدارت ناليواري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ محقق پروفيسر سرور سيف ڪئي، خاص مهمان ۽ اعزازي مهمانن ۾ بدر سميجو، حسين جاگيراڻي، عبدالحميد بلو، بشير منگي، صابر اعواڻ ۽ برادي منگي شامل  هئا.

سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل پريل دايي ڳالهائيندي چيو تہ شيخ اياز هن  صدي جو مهان شاعر آهي، جنهن کي مڃتا ڏيڻ جي لاءِ سنڌي ادبي سنگت پنهنجا فڪري ڪلاس شروع ڪري رهي آهي، صدارتي خطاب ۾ ناليواري ليکڪ  پروفيسر  سرور سيف چيو ته اياز عالمي سطح جو شاعر آهي، جنهن جي شاعري سنڌي ٻوليءَ جي جهول ۾ نوان رنگ ۽ روپ ڏنا آهن، ھن چيو تہ اياز جي شاعريءَ ۾ موضوعن جو وسيع ڪينواس آهي، سندس خيالن جي اڏام آفاقي آهي، ھن جيڪي ڏات جا ڏيئا روشن ڪيا آهن، انهن جي روشنيءَ سان هي ديس سدائين جرڪندو رهندو.

ناليواري ليکڪ بدر سميجو، بشير منگي ۽ ناليواري شاعر حسين جاگيراڻي پڻ خطاب ڪيو.

انهيءَ موقعي تي ذوالفقار ڪورائي، برادي منگي، حارف لنڊ، وحيد شيخ، فياض سمائر، حيات رضوي، رئيس اڪبر دايو ۽ ٻين پنهنجي خوبصورت شاعري پيش ڪئي ۽ اياز جي شخصيت تي لفظن جي ورکا ڪئي، انهيءَ موقعي تي سڀني آيل مهمانن شيخ اياز جي 98 هين جنم جو ڪيڪ ڪاٽي شيخ اياز کي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي.