news
ڄامشورو

سنڌ يونيورسٽي طرفان ايم اي (پاس) فائنل سالياني امتحان جي نتيجن جو اعلان

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران لاڳاپيل ڪاليجن ۾ ٿيل ايم اي (پاس) فائنل سالياني امتحان 2019ع جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آهي.

سنڌ يونيورسٽي جي سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر پروفيسر ڊاڪٽر سراج الحق ڪانڌڙو پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ايم اي (پاس) فائنل سالياني امتحان 2019ع ۾ مجموعي طور 6645 اميدوارن حصو ورتو، جن مان ڪل 4034 اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن.

اهڙيءَ طرح 1969 اميدوار فيل ٿيا ۽ 360 اميدوار غير حاضر رهيا. امتحاني نتيجن موجب فرسٽ ڪلاس ۾ 439، سيڪنڊ ۾ 3094 ۽ ٿرڊ ڪلاس ۾501 اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا. ايم اي (پاس) فائنل جي امتحانن ۾ مجموعي ڪاميابيءَ جي شرح 60.70 سيڪڙو رهي.