ڄام نواز علي ۾ آبپاشي کاتي پاران دلور مائينر جي ڪپرن تي اڏيل عمارتن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو

news

ڄام نواز علي (رپورٽ: خالد انور مگسي) دلور شاخ مان نڪرندڙ دلور مائينر جي سائيڊن ۽ ڪپرن تي اڏيل عمارتن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو.

آبپاشي کاتي ۽ روينيو کاتي جي طرفان قبضا هٽائڻ واري عمل تي  آپريشن  ڪري ٺهيل اڏاوتن کي ختم ڪيو ويو آهي، عدالتي حڪم تي دلور مائينر  جي مختلف  هنڌن نئون آباد مان قبضا خالي ڪرائڻ واري حڪم تحت ڪارروائي ڪئي وئي.

جتي ڄام نواز علي جي مختيارڪار غلام ياسين پنهور، ايس ڊي او ايريگيشن سب ڊويزن جهول بدر دين ميمڻ، ڄام نواز علي نئون آباد ٿاڻي جي  پوليس نفري ۽ ڪرين مشين سان گڏ  نئون آباد ۾ دلور مائينر جي ڪپرن ۽ بندن تي ٿيل غيرقانوني قبضا ڪري ٺاهيل، دڪانن ۽ پيڍين کي ڪرين مشين سان ڊاهڻ وارو عمل شروع ڪيو ته  رهواسين ۽ عملي ۾ ايراضي جي ماپ تان ڇڪتاڻ پيدا ٿي.

جنهن ۾ ايس ڊي او ايريگيشن 45 فٽ ڊاهڻ جي ماپ ڏني تنهن تي رهواسين سخت اعتراض ڪيا ته اسان جي پلاٽن جا کاتا موجود آهن توهان غيرقانوني طور دڪان ڊاهيو پيا، اصل مائينر جي ماپ 32 فٽ آهي، جنهن ڇڪتاڻ بعد مختيارڪار ڄام نواز علي مداخلت ڪري 32 فٽ ڊاهڻ جو حڪم ڏنو، جنهن بعد مائينر جي ڪپ تي ٺهيل دڪانن کي مڪمل طرح ڊاهي پٽ ڪيو ويو.