سينيٽ اليڪشن، يوسف رضا گيلاني حڪومتي اميدوار کي اپ سيٽ شڪست ڏئي ڇڏي

news

اسلام آباد: سينيٽ اليڪشن ۾ اسلام آباد جي جنرل سيٽن تي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ ناڻي واري وفاقي وزير حفيظ شيخ جي وچ ۾ مقابلي جو نتيجو سامهون اچي ويو آهي.

جنرل سيٽ تي يوسف رضا گيلاني ڪامياب ٿي ويو آهي، رٽرنگ آفيسر مطابق 340 ووٽ ڪاسٽ ٿيا، جن مان يوسف رضا گيلاني 169 ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته حفيظ شيخ 164 ووٽ حاصل ڪيا، ائين يوسف رضا گيلاني حڪومتي اميدوار حفيظ شيخ کي پنجن ووٽن تان شڪست ڏئي اسلام آباد مان سينيٽر چونڊجي ويو آهي. رٽرننگ آفيسر موجب 7 ووٽ رد ٿيا.

اسلام آباد جي جنرل سيٽن تي قومي اسيمبلي ۾ ووٽنگ ٿي، جنهن ۾ اپوزيشن اميدوار اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. حڪومت جي طرفان ٻيهر ڳڻپ ڪرائي وئي، جڏهن ته ٻيهر ڳڻپ دوران به يوسف رضا گيلاني سوڀ ماڻي.