ڪامريڊ ڄام ساقي جي ٽين ورسي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪوٺائي وئي، سڄاڻ ڌرين پاران ڀيٽا پيش

news

حيدرآباد: کاٻي ڌر جي اڳواڻن، قانوندانن، اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن، عظيم انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته ڪامريڊ ڄام ساقي جرئت ۽ بهادري جو نالو آهي، هن جي سياست نج عوامي هئي، ڄام ساقي جي ڪردار کي سمجهڻ جي لاءِ ان وقت جي حالتن کي سمجهڻو پوندو، پاڪستان ۾ شامل قومن کي پنهنجا حق ڏئي، عوام کي حق حڪمراني جو حق واپس ڏنو وڃي، عوام دشمن قوتن ناڪامي نصيب ٿيندي، فتح آخر عوام جي ٿيڻي آهي.

اهڙن خيالن جو اظهار هنن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي جي ٽين ورسي جي موقعي تي ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.

تقريب ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي جي عدالتي بيانن تي ٻڌل سندس لکيل ڪتاب ”فتح آخر عوام جي ٿيندي“ جي مهورت پڻ ٿي، تقريب جي شروعات لطيف جي وائي سان ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳوڻي شاگرد اڳواڻ ۽ نامياري قانوندان يوسف لغاري خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جا ايترا ته سياسي وارث موجود آهن، جيڪي سندس فلسفي ۽ نظريي کي اڳتي وڌائيندا رهندا ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي جي جدوجهد ايندڙ نسلن جي لاءِ اتساهه جو سبب بڻجندي رهندي. هن چيو ته سنڌ جي ڌرتي زرخيز رهي آهي، جتي تمام وڏا سياسي اڳواڻ پيدا ٿيا. هن چيو ته هن وقت اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي آهي پر اسان جي دور ۾ به اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي هئي، اسان پنهنجو آواز ڳوٺن ۽ شهرن جي ڀتين تي نعرن ۽ مطالبن جي صورت ۾ اٿاريندا هئاسين. هن چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ اسان ان دور ۾ سياست ڪئي جڏهن سنڌ جو نالو وٺڻ ڏوهه سمجهيو ويندو هو، ڪامريڊ ڄام ساقي سان گڏجي حيدرآباد ۾ شاگردن جي تنظيم جو بنياد وڌو، ڪامريڊ ڄام ساقي سنڌي ٻولي جي لاءِ به جدوجهد ڪئي. هن چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي ڪميونسٽ تحريڪ جي عالمي سطح جو ليڊر هو، ڪميونسٽ پارٽي پاڪستان سميت دنيا جي 77 کان وڌيڪ ملڪن ۾ موجود هئي پر جڏهن ڪامريڊ ڄام ساقي ويو ته ڪميونسٽ پارٽي پاڪستان مان گم ٿي وئي. هن چيو ته ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ اسان سنڌ جي غدارن کي وائکو ڪيو، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اڄ جي حالتن ۾ به سنڌ ۽ سنڌ جي پورهيتن سان غداري ڪرڻ وارن جي نشاندهي ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي سميت اسان جي سمورن ساٿين ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ ڀرپور انداز سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي ڪيس کي تمام وڏي اهميت ملي پر ڪامريڊ ڄام ساقي وڏي جرئت سان ڪيس کي منهن به ڏنو. هن چيو ته ڄام ساقي کي سمجهڻ جي لاءِ ان دور جي معروضي حالتن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته 40ع جي قرارداد ماڻهن جي وچ ۾ هڪ معاهدو آهي، جنهن ۾ هن ملڪ کي هلائڻ جي ڳالهه ڪيل آهي، جيڪڏهن ان معاهدي تي عمل نٿو ٿئي ان معاهدي ۾ شامل ڌر سان ناانصافي ٿئي ته اهو ملڪ نه هلي سگهندو.

اڳوڻي شاگرد اڳواڻ پرفيسر امداد چانڊيو چيو ته ڪميونسٽن ملڪ ۾ عوامي حاڪميت جي لاءِ سگهاري جدوجهد ڪئي، هن ملڪ ۾ ترقي پسند قوتن خلاف سدائين مهم هلندي رهي آهي پر ترقي پسند ڌرين انهن سمورن الزامن جي باوجود پنهنجي جدوجهد جاري رکي. هن چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ ان جي ساٿين سنڌ ۾ لساني هم آهنگي لاءِ تمام وڏو ڪم ڪيو، سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن وچ ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي لاءِ سنڌ جي ٽن سياستدانن سائين جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي وڏو ڪردار ادا ڪيو، سنڌي ڳالهائيندڙ چون ٿا ته اردو ڳالهائيندڙ اسان جا ڀائر آهن پر اردو ڳالهائيندڙ ڀائر ان محبت ۽ پيار جي بدلي ۾ اهڙي رستو اختيار نه ڪن جيڪو نقصان جو سبب بڻجي، هن ڌرتي جي وسيلن تي پلجندڙ ماڻهن کي گهرجي ته هن ڌرتي کي ورهائڻ جي ٿيندڙ سازشن جو گڏجي مقابلو ڪن. هن چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي عوام جي حق حڪمراني ۽ قومن جي حقن جي صرف ڳالهه نه ڪئي پر جدوجهد ۽ مزاحمت ڪئي. هن چيو ته هن ملڪ کي هڪ فاشسٽ رياست ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي پر اهڙي فسطائي رياست نه هتان جي ماڻهن ڪڏهن قبول ڪئي آهي نه ئي ڪڏهن قبول ڪندا.

پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ گل محمد جکراڻي چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي سنڌ جي پورهيتن، هارين، مزدورن ۽ سڄي ملڪ جي مظلومن جي لاءِ جدوجهد ڪئي، ان ڏوهه ۾ کيس شاهي قلعي ۾ قيد ڪيو ويو، ڪيترائي ڀيرا گرفتار ڪري ٽارچر سيلن ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ڪامريڊ ڄام ساقي سدائين اسان کي ياد رهندو. هن چيو ته شاگرد سياست واري دور ۾ اسان جو تعلق جيئي سنڌ سان هو ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي ڪميونسٽ سياست ڪري رهيو هو پر اسان سان هن جو تعلق پيار ۽ محبت وارو رهيو، هن جي جدوجهد اسان جي لاءِ سدائين رهنمائي ڪندي رهندي. هن چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جو لکيل ڪتاب فتح آخر عوام جي ٿيندي ايندڙ نسلن جي رهنمائي ڪندو ۽ موجوده دور کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ڪندو.

پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سينئر صحافي خالد کوکر چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جي ڪتاب جو عنوان ئي تمام وڏي اهميت رکي ٿو، اهو سچ آهي ته فتح آخر ۾ عوام جي ئي ٿيڻي آهي، ڪامريڊ ڄام ساقي جي جدوجهد اسان جي لاءِ مشعل راهه رهندي، ڪامريڊ ڄام عوامي، مزاحمتي ۽ جمهوري سياست انمول ڪردار آهي. هن چيو ته سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي سميت ٻين ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن هن ملڪ کي هلائڻ جي لاءِ واضح انداز ۾ چيو ته ملڪ ۾ شامل قومن کي برابري جي بنياد تي رهڻ ڏيو، قومن جي حقن جي لتاڙ نه ٿيڻ گهرجي پر ان جي ابتڙ پاڪستان ٺهڻ شرط ئي انهن ماڻهن خلاف ڪارروايون ٿيون جن هن ملڪ کي درست انداز ۾ هلائڻ پئي گهريو. هن چيو ته اڄ پاڪستان ۾ ميڊيا تي سخت قسم جي سينسرشپ آهي، اظهار جي آزادي تي بندش آهي، ميڊيا جي اندر معاشي بحران آهي، ڪيترائي ميڊيا جا ادارا بند ٿي چڪا آهن، 11 هزار کان وڌيڪ ميڊيا جا ورڪر بيروزگار ٿي ويا آهن.

عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر ڪامريڊ بخشل ٿلهي چيو ته سنڌ جي خوشقسمتي آهي ته سنڌ کي کاٻي ڌر جي سياست ۾ وڏا عالمي سطح جا مزاحمتي ڪردار مليل آهن، سنڌ قومي ۽ طبقاتي جدوجهد جي حوالي سان اڳڀري رهي آهي. هن چيو ته پورهيت طبقو پاڻ کي منظم ڪري پنهنجي سياست نٿو ڪري تيستائين ڪو به ڀلو نه ٿيندو. هن چيو ته اسان سڄي ملڪ ۾ جتي به وڃو ٿا ته سڀ کان پهريان اسان کان ڪامريڊ ڄام ساقي جي پڇا ٿيندي آهي، ڪامريڊ ڄام پاڻ پورهيت طبقي مان هجڻ سان گڏ عوامي ماڻهو هو، هن جون پاڙون زمين ۾ کتل هيون، هن جي سياست ۾ عوامي رنگ هو. هن چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جو هي ڪتاب هڪ سياسي ڊاڪيومينٽ آهي، جيڪو ضرور پڙهڻ گهرجي، ڪامريڊ ڄام ساقي سادو، پر حڪمرانن جي اک ۾ ڪنڊو هو. هن چيو ته قومي، طبقاتي ۽ جمهوري سياست کي اڳتي وڌائڻو پوندو.

نامياري اديب ۽ شاعر تاج جويو چيو ته ٿر ۾ وڏا سياستدان به پيدا ٿيا آهن پر انهن ۾ عبدالواحد آريسر، ڪامريڊ ڄام ساقي، ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ يوسف لغاري اهڙا سياستدان آهن، جن سياست کي دل ڏني. هن چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جو هي ڪتاب اڄ جي سياسي ڪارڪنن سان ٿيندڙ ٽارچر وارين حالتن بابت به اهم آهي. هن چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو، هن جو والد مثالي استاد هئا، ڪامريڊ ڄام ساقي جهڙا ماڻهو زندگي جي رستي ۾ نه وڪيا، نه جهڪيا ۽ نه ئي ٿڪيا. هن چيو ته اسان جي دور ۾ قومي ۽ طبقاتي جدوجهد ڪندڙ دوستن ۾ سهپ هئي، هڪٻئي سان گڏ ويهي اسٽڊي سرڪل به هلائيندا هئاسين ۽ ڪتاب به پڙهندا هئاسين.

بئريسٽر ضمير گهمرو چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي سنڌ جو اڏول ڪردار آهي، جنهن جي جدوجهد سنڌ جي روح سان ڳنڊيل هئي، ڪامريڊ ڄام ساقي تي جيڪڏهن تنقيد ٿئي ته اها ڳالهه به سمجهڻ گهرجي ته دنيا جي هر وڏي ماڻهو تي تنقيد ٿيندي رهي آهي. هن چيو ته حق حڪمراني عوام جي آهي، جيڪڏهن عوام جي حق حڪمراني ڪهڙي فارم ۾ تسليم نٿو ڪيو وڃي ته عوام جو حق آهي ته حڪمرانن کي هٽائي ڇڏي، پاڪستان جي آئين ۾ عوام کي اهو حق مليل آهي ته عوام پنهنجن عوامي نمائندن ۽ حڪومت کي پاڻ چونڊي پر پاڪستان ۾ اهو حق عوام کي نه ڏنو ويو، عوام جي خواهشن موجب حڪومتون نٿيون ٺهن، حڪومت کي هٽائڻ ۽ آڻڻ عوام جو حق آهي، ڪامريڊ ڄام ساقي به اها ئي ڳالهه ڪئي آهي ته ڪجهه به ٿئي، پر فتح آخر ۾ عوام جي ئي ٿيڻي آهي، عوام جي لاءِ ئي ڪامريڊ ڄام ساقي پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. هن چيو ته سنڌ ماضي ۾ سپر پاور رهي آهي پر اڄ سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائڻ ۽ پڙهڻ نٿي ڏني وڃي، شاگردن کي سنڌي ٻولي ۾ تعليم نٿي ڏني وڃي، فيڊريشن ۽ حڪومت رضاڪارانه هوندي آهي، جبري نٿي ٿي سگهي.

سنڌ هاري ڪاميٽي جي صدر ڪامريڊ ثمر چيو ته سنڌ ۾ جڏهن هارين ۽ مظلوم طبقن جي ڪو به ڳالهه ڪرڻ وارو نه هو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي هارين ۽ پورهيتن جي لاءِ جدوجهد ڪئي، ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو فلسفو کڻي اڳتي وڌڻو پوندو. هن چيو ته اڄ سنڌ تي قبضو ڪيو پيو وڃي، درياهه، سمنڊ ۽ زميننن تي قبضا ٿي رهيا آهن.

نامياري ليکڪ نور احمد جنجهي چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جرئت ۽ انسانيت ۾ ويساهه رکندڙ سياسي اڳواڻ هو، هو سمورين تنظيمن کان ڪم وٺندو هو ۽ گڏ کڻي به هلندو هو، ڪامريڊ ڄام ساقي پاڪستان ۾ طبقاتي سوال سان گڏ قومي سوال تي جدوجهد ڪئي، ڪامريڊ ڄام ساقي ڪو معمولي ماڻهو نه هو، هن کي وقت ۽ حالتن جي بنياد تي پرکيو وڃي ته هن ڪهڙي دور ۾ سياسي جدوجهد ڪئي، ڪامريڊ ڄام ساقي ڌرتي، ماڻهن سان ۽ فطرت سان پيار ڪيو.

ڪامريڊ ڄام ساقي جي نياڻي بختاور ڄام چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جي سياست ۾ شرافت ۽ ايمانداري هئي، هن وڏن بنگلن ۽ گاڏين جي سياست نه ڪئي، هن ۾ ليڊر واري آڪڙ نه هئي، هو ڪارڪن جيان ڪم ڪندو هو، هو آدرشي سياستدان هو، هن پنهنجو، مائٽن ۽ گهرڀاتين جو سُک ڦٽائي مظلوم طبقن جي لاءِ جدوجهد ڪئي.

سينئر صحافي اقبال ملاح چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي اسان کان جسماني طور تي ته وڇڙي ويو آهي پر سندس نظريو، خيال ۽ جدوجهد اڄ به اسان جي رهنمائي ڪري ٿي، تحريڪن جي پڄاڻي ناهي ٿيندي پر شڪليون ضرور بدلجنديون آهن.

ڪامريڊ راهول آجياڻو ڏيندي چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي سوشلسٽ تحريڪ جي جدوجهد کي وڏي عزم سان اڳتي وڌايو، ڪامريڊ ڄام ساقي جو هي ڪتاب فاشسٽ حڪمرانن جي لاءِ وڏو چئلينج آهي، هي سرمائيداراڻو نظام نه صرف انسان ذات کي پر پوري ڪائنات کي برباد ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جي جدوجهد ۽ نظريو نه صرف هن نسل پر ايندڙ نسلن جي لاءِ مشعل راهه بڻجندو.

سينئر صحافي مهيش ڪمار چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي سان سمورين پارٽين جا ماڻهو پيار ڪندا هئا، هو سمورن کي ڳنڍڻ وارو هو، ڪو به سياسي ورڪر هن کان پري نه ٿيندو هو. هن چيو ته اها ڪامريڊ ڄام ساقي جي شخصيت جو ڪمال هو ته سياسي مخالف هئڻ جي باوجود جي ايم سيد ڪامريڊ ڄام ساقي جو تمام گهڻو خيال ڪندو هو ۽ مدد به ڪندو هو. هن چيو ته مون کي ڪامريڊ ڄام ساقي سان سينٽرل جيل سکر ۾ هڪ سال گڏ رهڻ جو موقعو مليو.

ان موقعي تي ڊيرا غازي خان کان آيل ڪامريڊ نذير برهاڻي، ڪامريڊ ڄام ساقي جي ننهن حميرا، سينئر صحافي ارشاد چنا، ڪامريڊ ڄام ساقي جي پٽ سارنگ ڄام، سريا مخدوم، ڪامريڊ انور پنهور ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

تقريب ۾ ڪامريڊ لتا انقلابي گيت ٻڌايو. تقريب کان اڳ ڪامريڊ ڄام ساقي جي خاندان جي فردن ۽ سندس سياسي جدوجهد جي ساٿين حيدرآباد جي بابن شاهه قبرستان ۾ سندس مزار تي حاضر ڀري گلن جي چادر چاڙهي.