پنوعاقل جي مھراڻ ڪالوني ۾ مسجد مان نينگر جو تشدد ٿيل لاش ھٿ، زيادتي بعد گھٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو انڪشاف

news

پنوعاقل (رپورٽ: قربان ملڪ) پنوعاقل شھر جي مھراڻ ڪالوني ۾ مسجد جي ٽين ماڙ تان 14 ورھين جي نينگر جو تشدد ٿيل لاش ھٿ، نينگر جو لاش گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو، نينگر کي زيادتي بعد تشدد ۽ گھٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو انڪشاف.

پنوعاقل شھر جي مھراڻ ڪالوني جو رھواسي 14 ورھين جو نينگر آفاق احمد واگھو ولد احسان اللہ واگھو گذريل ڏينھن کان گم ھو، جنھن کي وارثن پاران مسلسل ڳولا باوجود ھٿ نه اچي سگھيو، جنھن جو لاش محلي جي محمدي مسجد جي ٽين ماڙ تان ھٿ آيو، فوتي نينگر جو لاش مسجد ۾ پڙھندڙ طالبن ڏسي استاد کي اطلاع ڪيو، جنھن بعد استادن پوليس ۽ وارثن کي اطلاع ڪيو.

پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي نينگر جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال پنوعاقل پھچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، نينگر جو لاش گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو، والدين کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا.

ھوڏانھن ايس ايڇ او پنوعاقل ذوالفقار چاچڙ ميڊيا کي ٻڌايو ته نينگر کي لوھي سيخون ۽ سرون ھڻي بدترين تشدد ۽ جنسي زيادتي بعد رسي سان گھٽا ڏيئي قتل ڪيو ويو آھي، نينگر جو لاش مسجد جي ڇت تان نيم اگهاڙي حالت ۾ مليو آھي، قاتلن کي ڪنھن به صورت بخش نه ڪيو ويندو، وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون، پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد حقيقت واضح ٿيندي.

ٻئي طرف علائقي واسين جو چوڻ آھي تہ فوتي نينگر جي رھائش مھراڻ ڪالوني ۾ هئي، سندس والد احسان واگھو روھڙي ۾ ليڪچرر آھي، نينگر گذريل ڏينھن کان گم ھو، فوتي نينگر ڄاڻايل مسجد ۾ نماز پڙھڻ لاءِ اڪثر ويندو ھو.

ھوڏانھن پوليس معاملي جي جاچ لاءِ مسجد جي 3 استادن کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، حراست ھيٺ آيل استادن ۾ يونس چنو، مسرور انڍڙ ۽ جعفر سيلرو شامل آھن، جيڪي مسجد ۾ پيش امام ۽ مؤذن جا فرض سرانجام ڏيندا آھن.

نينگر جي اھڙي بي رحماڻي قتل بعد علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ڇانئجي وئي آھي.