ٽنڊو محمد خان روڊ تي تيز رفتاري سبب رڪشا ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، چار سخت زخمي

news

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان روڊ تي تيز رفتاري سبب  سي اين جي  رڪشا ڪلٽي ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت، جڏهن  ته چار ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.

خبر موجب ٽنڊو محمد خان جي ملاڪاتيار  روڊ تي سي اين جي رڪشا جي ٽاءِ راڊ اوچتو ٽٽي پئي، جنهن سبب رڪشا  ڪلٽي ٿي ويو، رڪشا ۾ سوار نوجوان ايوب سولنگي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جنهن کي  ٽنڊو محمد خان جي سرڪاري اسپتال داخل ڪيو ويو.

جڏهن ته حادثي ۾ فوت ٿي ويل نوجوان جي لاش کي سرڪاري اسپتال مان ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.