اتر وزيرستان: سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ ٽن ڪمانڊرن سميت اٺ دهشتگرد مارجي ويا
ويب ڊيسڪ | 2 مھينا پھريان

ميرانشاهه: سيڪيورٽي فورسز ڳجهي معلومات تي اتر وزيرستان ۾ آپريشن ڪندي ٽن دهشتگرد ڪمانڊرن سميت 8 دهشتگردن کي ماري وڌو.
پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي طرفان جاري ڪيل بيان موجب سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ ڳجهي معلومات تي آپريشن ڪيو، آپريشن بويا ۽ دوسلي جي علائقن ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا. مارجي ويل دهشتگردن ۾ ٽي اهم ڪمانڊر به شامل آهن، مارجي ويلن ۾ عبدالعنير عرف عادل (ٽي ٽي پي طوفان گروپ)، جنيد عرف جامد (ٽي ٽي پي طارق گروپ) ۽ خالق شادين عرف ريحان (ٽي ٽي پي صادق نور گروپ) شامل آهن.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد 2009ع کان وٺي ايستائين شهرين، سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي خلاف دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرد بارودي سرنگهن سان حملن، ٽارگيٽ ڪلنگ، اغوا براءِ تاوان ۽ ڀتا خوري ۾ به ملوث هئا. دهشتگرد علائقي ۾ دهشتگردن جي ڀرتي به ڪندا هئا، آپريشن ۾ وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد به هٿ آيو آهي.

68