پنوعاقل ويجهو ڪراچي ايڪسپريس جون بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، عورت فوت

news

پنوعاقل: (آچر 07  مارچ 2021ع) پنوعاقل ويجهو ڪراچي ايڪسپريس جون 9 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون جنهن سبب ٽرين اونڌي ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت جڏهن ته 40 مسافر زخمي ٿي پيا آهن.

رپورٽ موجب ڇنڇر ۽ آچر جي وچولي رات روهڙي ۽ پنوعاقل  وچ ۾ لاهور ويندڙ ڪراچي  ايڪسپريس جون 9 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون جنهن مان 4 کاهي ۾  ڪري پيون. حادثي ۾ هڪ عورت فوت ۽ ٻارن سميت 40  مسافر زخمي ٿي پيا آهن جن مان 30 ڄڻن کي شروعاتي طبي امداد کان پوءِ اسپتال مان فارغ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته 10 زخمي علاج هيٺ آهن. ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويل عورت جي سڃاڻپ ڪراچي جي علائقي لانڍي واسڻ عظميٰ زال محمد صابر جي نالي سان ٿي آهي.

سکر ڊويزن ۾ اڪثر هنڌن تي ٽريڪ پراڻا ٿي چڪا آهن. سي پيڪ سبب سکر ڊويزن ۾ ٽريڪ کي اپ گريڊ نه ڪيو ويو آهي. حادثو بوگين کي هڪ ٻئي سان جوڙيندڙ ڪمپلين ٽٽڻ سبب پيش آيو. حادثي کان پوءِ ٽرين جي آمد رفت ڪيترائي ڪلاڪ معطل رهڻ کان پوءِ بحال ڪئي وئي آهي پر ان دوران ڪراچي ويندڙ ۽ لاهور پهچندڙ 6 ٽرينون دير جو شڪار ٿيون آهن.

ان حوالي سان ڪمشنر سکر جو چوڻ آهي ته ريسڪيو آپريشن تقريبن مڪمل ٿي چڪو آهي.  زخمين جو انگ 30 کان 40 جي لڳ ڀڳ آهي. ڪمشنر چيو ته شروعاتي ڄاڻ موجب ٽرين ڊرائيور اوور اسپيڊنگ ڪئي.جڏهن ته ريلوي ذريعن جو چوڻ آهي ته پٽڙي ٽٽل هجڻ سبب حادثو پيش آيو. جڏهن ته پاڪ فوج رينجرز ۽ پوليس سميت امدادي ٽيمون واقعي واري جڳهه تي پهچي ويون آهن.