ڪيليفورنيا جي ماهرن ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ڪندڙ ماسڪ تيار ڪري ورتو

news

ڪيليفورنيا: (آچر 07  مارچ 2021ع) ماهرن ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ڪندڙ ماسڪ تيار ڪري ورتو.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب يونيورسٽي ڪيليفورنيا سان ڊياگو جي ماهرن اهڙا سينسر ٺاهيا آهن جيڪي ڪنهن به ماسڪ تي لڳڻ سان ماسڪ پاتل شخص ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي سگهندي. ڪورونا وائرس مان متاثر شخص جڏهن ساهه کڻندو ته ان جي ماسڪ تي لڳل سنسر چپ جو رنگ تبديل ٿي ويندو جنهن سان ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي سگهندي. ماهرن ماسڪ تي رنگ بدلائيندڙ اهڙيون پتريون لڳايون آهن جيڪي ڪنهن شخص جي ساهه يا لعاب ۾ ڪورونا 19  جو سبب بنجندڙ ڪورونا وائرس جي موجودگي جي خبر لڳائي سگهي ٿي. 

هي سينسر ڪورونا 19 ٽيسٽن جو نعم البدل ته ناهي پر ان جو مقصد وائرس جي خبر هجڻ کان پوءِ علاج جي لاءِ رابطو ڪرڻ آهي. آمريڪا جي صحت واري قومي ادارن ڪيليفورنيا يونيورسٽي جي هن پروجيڪٽ جي لاءِ 3 لک ڊالر ڏنا آهن. تحقيقي ٽيم ڪورونا وائرس جي حوالي سان خطرناڪ ماحول ۾ ڪم ڪندڙن جي لاءِ سينسر ٺاهڻ جي لاءِ  مختلف شيون تيار ڪندڙ ڪمپني سان گڏ ڀائيواري ڪندي ۽ روزاني ٽيسٽنگ ۾ آساني جي لاءِ ان سينسرز جي قيمت گهٽ رکي ويندي.