ڀارتي واپاري پنهنجي پالتو هاٿي کي پينٽ شرٽ پارائي ڇڏي

news

نئين دهلي: (آچر 07  مارچ 2021ع) اوهان ننڍن پالتو جانورن جيئن ٻلي، ڪتي يا ٻڪرين کي ته ڪپڙا پائيندي ڏٺو هوندو پر ڇا اوهان ڪڏهن هاٿي کي پينٽ شرٽ پائيندي ڏٺو آهي؟

اسان مان شايد ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا جنهن ائين ڏٺو هجي پر اوهان پريشان نه ٿيو اڄ اسان اوهان کي وڏي جانور کي پينٽ شرٽ ۾ ڏيکارينداسين.

ڀارت جي ارب پتي واپاري آنند مهندرا طرفان سوشل ميڊيا تي پنهنجي پالتو هاٿي جي پينٽ شرٽ پاتل هڪ تصوير شيئر ڪئي وئي آهي جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي وائرل ٿي وئي آهي.

سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هاٿي جامني رنگ جي شرٽ ۽ اڇي رنگ جي پينٽ پائي رکي آهي پر ان کان به مزي جي ڳالهه اها آهي ته هاٿي بيلٽ به ٻڌي رکيو آهي.

جڏهن ته هاٿي کي سنڀاليندڙ گوڏ ٻڌي رکي آهي. هاٿي جي پينٽ شرٽ واري تصوير کي جتي تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي اتي ان تي دلچسپ تبصرا به ڪيا پيا وڃن.