اڏيرولال: پروگريسو الائينس پاران مختلف مسئلن جي حل لاءِ آگاهي مهم ريلي

news

اڏيرولال(رپورٽ:حافظ امتياز علي چنا) پروگريسو الائينس مٽياري پاران ضلعي ۾ وڌنڌڙ ڏوهي وارداتن، بدامني، بيروزگاري ۽ منشيات جي عام واهپي خلاف آگاهي مهم جي سلسلي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا کنڊو، کيبر، جمعا شهوڪ، شير محمد ٺوڙها، اڏيرولال وليج، سئي گئس اسٽاپ کان ٿيندي اڏيرولال اسٽيشن پهتي.

ريلي کي خطاب ڪندي پروگريسو الائينس جي اڳواڻن نصير ميمڻ، سردار اياز ميمڻ، ڪامريڊ رشيد ڏيٿو، شعيب جان بلوچ، نور محمد ڀينڊو ۽ ٻين  چيو ته مٽياري ضلعي ۾ ڏوهي وارداتون حد کان وڌي ويون آهن، بدامني چوٽ تي چڙهيل آهي ۽ منشيات عام وکر جيان وڪرو ٿي رهي آهي، جنهن سبب اسان جو نوجوان جواني ۾ پهچڻ کان اڳي ئي پوڙهو ٿي رهيو آهي ۽ مختلف  بيمارين جي ور چڙهي رهيو آهي.

هنن جو چوڻ هو ته ضلعي جي ڪنهن به سرڪاري اسپتال ۾ مٿي جي سور، بخار ۽ کنگهه جي گوري به ملڻ مشڪل آهي پر اسان جي ضلعي جا حڪمران لنڊن ۽ دبئي گهمڻ ۾ مصروف آهن، مٽياري ضلعي ۾ 80 کان مٿي آئل ۽ گئس جا کوهه  آهن جن مان ڪروڙين رپي اڪمايا پيا وڃن پر ڄاڻايل گئس فيلڊن ۾ ضلعي جو ڪوبه نوجوان ڀرتي نه ڪيو ويو آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ هنن جو چوڻ هو ته هيءَ آگاهي ريلي 21 تاريخ تي هالا ۾ منعقد ٿيندڙ تاريخي ريلي جي ڪڙي آهي، جنهن سبب اسان مختلف شهرن ۾ نوجوانن جي در تي وڃي پنهنجو پيغام پهچائي رهيا آهيون ته حڪمرانن جي غفلت سبب سمورو ضلعو تباهي ڪناري پهچي ويو آهي، هنن جو چوڻ هو ته اسان حڪمرانن کي وارننگ ٿا ڏيون ته  پنهنجو قبلو درست ڪن نه ته سندن گهيراءُ ڪيو ويندو.