شاهي خاندان ۾ هوندي آپگهات جو سوچيندي هيس: ميگهن مارڪل

news

نيويارڪ: ڊچس آف سسيڪس ۽ اداڪاره ميگهن مارڪل جو چوڻ آهي ته جڏهن هوءَ شاهي خاندان جو حصو هئي ته آپگهات جي باري ۾ سوچيندي هئي.

برطانوي نشرياتي اداري موجب ڊچس آف سسيڪس ۽ اداڪاره ميگهن مارڪل آمريڪي ٽي وي کي انٽرويو ۾ شاهي خاندان بابت ڪافي ڳالهيون ڪيون.

ميگهن مارڪل شاهي خاندان تي نسل پرستي جو الزام هڻندي چيو آهي ته جڏهن کيس پهريون ٻار ٿيڻ وارو هو ته گهڻيون ڳالهيون ان جي رنگ جي باري ۾ ٿينديون هيون، شاهي خاندان جي ماڻهن نٿي چاهيو ته سندس پٽ يا ڌي، شهزادو يا شهزادي ٿئي جنهن لاءِ قانون ۾ پڻ تبديلي ڪئي وئي.

ميگهن چيو ته شاهي خاندان ۾ مختلف تلخ تجربن کانپوءِ مون آپگهات جو به سوچيو ڇو ته آئون پاڻ کي اڪيلو سمجهڻ لڳي هيس، مون وڌيڪ زندهه رهڻ نٿي چاهيو، آئون شرمنده هيس هيري کي ڪيترو نقصان ٿيو آهي، مون سوچيو پئي ته منهنجي خودڪشي سان ڪافي ماڻهن جا مسئلا ٿي ويندا.