نئون ديرو ۾ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي

news

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) عورتن جي حقن بابت عالمي ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج نئون ديرو ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن جي خاص مهمان سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي سيڪريٽري ليکڪه اديب شبنم گل حيدرآباد کان خصوصي طور شرڪت ڪئي.

جڏهن ته ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز ڪرم الله وڌو، ميروخان گرلز ڪاليج جي پرنسپال نسيم اختر انصاري، نئون ديرو بوائز ڊگري ڪاليج جو پرنسپال عتيق سومرو، ميزبان پرنسپال فهيم اختر انصاري، پروفيسر نذير سومرو سميت  ڪاليج جي پروفيسرز ۽ شاگردياڻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ شاگردياڻين ٽيبلوز پيش ڪيو، جنهن ۾ سماج ۾ عورتن جي ٿيندڙ تذليل ۽ تشدد جي عڪاسي ڪئي وئي، جڏهن ته عورتن سان ٿيندڙ ظلم ۽ حقن جي لتاڙ سميت اڻ برابري جي اشوز کي تقريرن ذريعي پيش ڪيو ويو.

جڏهن ته شاگردياڻين ۾ تقريري مقابلا پڻ ڪرايا ويا. شاگردياڻين جي جذباتي تقريرن ۽ ٽيبلوز تي ساٿي شاگردياڻين تاڙيون وڄائي حوصلا افزائي ڪئي.

آخر ۾ تقريب ۾ شريڪ خاص مهمانن شاگردياڻين ۾ ايپريسيئيشن سرٽيفڪيٽ ۽ روڪ انعام تقسيم ڪيا.

تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شبنم گل، ڪرم حسين وڌو، نسيم اختر انصاري، فهيم اختر انصاري ۽ ٻين ڳالهائيندي شاگردياڻين جي نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۾ زبردست ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته تعليم يافته عورت ئي مستقبل جي بهترين ماءُ ثابت ٿي پڙهيل لکيل معاشرو ٺاهي سگهي ٿي. ان لاءِ شاگردياڻين کي ڪتاب پڙهڻ گهرجن ۽ ٻوليءَ سان لڳاءُ رکڻ گهرجي. شھيد بينظير ھڪ معجزاتي ذھن رکندڙ عورت ھئي. سنڌ ۾ تبديلي مطالعو ڪندڙن آندي. نصابي سرگرمين سان گڏ غير نصابي سرگرمين تي پڻ توجهه ڏيڻ گهرجي. ھن خطي جي عورت کي مان ڪامياب ڏٺو آھي.

هنن شاگردياڻين کي مخاطب ٿيندي چيو ته  ھن عمر ۾ جيڪي خواب اوهان ڏسنديون آهيو  اھي ساڀيان ماڻيندا آهن. اسان جو مستقبل سونھري آھي جيڪي اسان جون حق تلفيون ٿي رھيون آھن اھي ڏينھن پري نانھن جڏھن اسان پنھنجا حق ماڻي وٺنداسين. جيڪا قوم ڪتابن سان محبت ڪري ٿي اھا زنده رھي ٿي. ھن چيو ته سنڌ جي عورت احساس ڪمتري ۾ نه رھي اھا انسان جي ظرف جو پيمانو آھن جڏھن تڪليفون اينديون آھن ته ذھن وڌيڪ ڪم ڪندو آھي، اھي راھه جي رنڊڪ ناھن. ھن چيو ته احساس ونڊڻ سان سگهارا ٿي ويندا آھن. موبائيل ٿڪائي ٿي وجهي. اسان جو روح،  ڀٽائي، لوڪ ادب سان سلھاڙجي ته ڪامياب ٿينداسين. ڀٽائي کي مغربي شاعرن کان مٿانھون ڏٺو آھي. سنڌ حڪومت عورتن کي پاور ۾ آڻڻ لاء ڪاليجن اندر عورت ملازمن جون نيون پوسٽون پيدا ڪيون ويون آھن. نياڻين کي پنھنجي حقن جي آگاھي لاء ھي پروگرام ترتيب ڏنو آھي نياڻين کي تعليم سان ئي حق ملي سگهندا.