ٽنڊو محمد خان ۾ دوست کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ آپگهات ڪندڙ نوجوان جا وارث منٿ ميڙ قافلو وٺي زئور برادري وٽ پهتا، خون بخشرايو

news

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان شهر ۾ سجاول چوڪ ڀرسان مين حيدرآباد بدين روڊ تي واقعي بار بي ڪيو هوٽل ۾ 5 ڏينهن اڳ پنهنجي دوست کي گولي هڻڻ بعد پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪندڙ نوجوان جا وارث منٿ ميڙ قافلو وٺي زئور برادري وٽ پهچي ويا، زئور برادري پاران نوجوان جي خون کي بخش ڪيو ويو آهي.

ان ڏس ۾ ٽنڊو محمد خان شهر جي حيدرآباد بدين روڊ تي واقعي بار بي ڪيو هوٽل ۾ 5 ڏينهن اڳ پنهنجي دوست 22 ورهين جي سيري واسي اڪرم زئور کي سندس دوست ڳوٺ حسين خان لغاري واسي منير لغاري پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن بعد هن واقعي کان فورن پاڻ مٿان به فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو هو، 5 ڏينهن گذرڻ بعد ڳوٺ حسين خان لغاري جي لغاري برادري آپگهات ڪندڙ نوجوان منير لغاري جي پيءُ رسول بخش لغاري، اڳوڻو يوسي چيئرمين پير احمد سعيد جان سرهندي ۽ ٻيا ڳوٺ سيري پهچي قتل ٿيندڙ نوجوان اڪرم زئور جي پيءُ اڳوڻي يوسي ناظم احمد خان بابو زئور ۽ ٻين وارثن وٽ پهچي منٿ ميڙ ڪئي ته سندس پٽ پاران نوجوان اڪرم زئور جي قتل جي خون بخش ڪيو وڃي.

ان موقعي تي مارجي ويل نوجوان جي پيءُ احمد خان عرف بابو زئور، ڊاڪٽر ڄام زئور، غلام علي زئور ۽ ٻين وارثن لغاري برادري کي تڏي تي اچڻ سبب خون بخش ڪري ڇڏيو آهي.