آمريڪا جنگي علائقن کانسواءِ ٻين جاين تي ڊرون حملا روڪڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

news

واشنگٽن: آمريڪي صدر جوبائيڊن انتظاميا جنگ زده علائقن کانسواءِ باقي ٻين جاين تي ڊرون حملا بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پينٽاگان جو چوڻ آهي ته اهڙا علائقا جتي آمريڪي فوج هجي پر جنگ نه هجي ته اهڙين جاين تي ڊرون حملن کي روڪيو ويو آهي.

ترجمان جو چوڻ آهي ته اهڙي پابندي مستقل ناهي ۽ نه ئي ان جو اهو مطلب آهي ته ڊرون حملا نه ٿيندا، اسان اتحادين سان گڏجي انتهاپسندن جي خاتمي لاءِ پرعزم آهيون.

ان کان اڳ اڳوڻي صدر ٽرمپ صوماليه ۽ ٻين ملڪن ۾ آمريڪي فوج کي ڊرون حملن جي اجازت ڏني هئي جڏهن ته افغانستان، شام ۽ عراق کان علاوه ڪنهن به ملڪ ۾ ڊرون حملن لاءِ وائٽ هائوس کان اجازت وٺڻ ضروري هوندو.