ڇا اوهان چنڊ تي وڃڻ جو مفت ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا؟

news

ٽوڪيو: (اڱارو 09 مارچ 2021ع) جيڪڏهن اوهان به چنڊ تي وڃڻ جا خواب ڏسندڙن ۾ شامل آهيو ته اوهان جو اهو خواب پورو ٿي سگهي ٿو.

جاپان سان تعلق رکندڙ ارب پتي يوزاڪاميزاوا چنڊ تي ويندڙ ايلن مسڪ اسپيس فلائٽ جي لاءِ ڪنهن گروپ جي ڳولا ۾ آهي جيڪو ان کي جوائن ڪري سگهي. ڪجهه ڏينهن اڳ يوزاڪا  طرفان ٽوئٽ جي ذريعي چنڊ تي وڃڻ جي خواهشمند ماڻهن کي خوشخبري ٻڌائي هئي ۽ فري ۾ ٽڪيٽ ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو هو.

يوزاڪا پنهنجي وديو ۾ چيو هو ته مان اوهان کي چنڊ تي ويندڙ مشن ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيان ٿو. سڄي دنيا  مان 8 ماڻهو هن مشن جي لاءِ چونڊ  ڪيا ويندا. يوزاڪا جي وڊيو موجب ڊينرمون نالي مشن جي شروعات 2023 ۾ ڪئي ويندي. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته زندگي جي سڀني طبقن جا ماڻهو هن ۾ شامل هجن. يوزاڪا طرفان پنهنجي پوسٽ ۾ درخواست جمع ڪرائيندڙن جي لاءِ لنڪ به شيئر ڪيو ويو آهي.

هن درخواست ڏيندڙن کي يقين ڏياريو ته هن سموريون سيتون خريد ڪري ورتيون آهن ان ڪري اها نجي سواري هوندي. برطانوي خابرو اداري جي هڪ رپورٽ موجب درخواست ڏيندڙن کي ٻنهي معيارن تي پورو لهڻو پوندو.

درخواست ڏيندڙن کي ڪنهن به قسم جي سرگرمي، ٻين ماڻهن جي مدد، معاشري جي بهتري ۽ ان جهڙيون خواهشون رکندڙ ماڻهن جي مدد لاءِ تعاون ڪرڻو پوندو.