آسٽريلوي شخص هڪ يورو ۾ گهر خريد ڪري ورتو

news

سڊني: (اڱارو 09 مارچ 2021ع) گذيل 17 سالن کان لنڊن ۾ ترسيل آسٽريلوي شخص اٽلي ۾ هڪ اسڪيم جو فائدو کڻندي صرف هڪ يورو(200 روپين) جو گهر خريد ڪري ورتو آهي جنهن تي هو تمام گهڻو خوش آهي.

56 ساله ڊيني مڪ ڪيوين اٽلي جي حڪومت طرفان ڪيس ون يورو اسڪيم جي تحت مشهور سسلي شهر جي هڪ ننڍي ڳوٺ ميوسوميلي ۾ عاليشان گهر خريد ڪري ورتو آهي.

ان علائقي ۾ صرف يارنهن هزار ماڻهو رهندا آهن جنهن جي اڪثريت وڏي عمر جي ماڻهن تي ٻڌل آهي. نوجوان ماڻهو تيزي سان وڏن شهرن جو رخ ڪري رهيا آهن. ان آڌار تي شهر جي ميئر سڄي دنيا جي ماڻهن کي هڪ يورو ۾ گهر خريد ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي جنهن جو آن لائن اعلان ڪيو ويو هو پر ان جي هڪ شرط اها آهي ته گهر خريد ڪندڙ ٽن سالن جي اندر پنهنجي خرچ تي گهر جي مرمت ڪرائي ان کي آباد ڪندو. ڊيني ان کان اڳ ڪيترائي گهر ڏٺا ۽ ان کان پوءِ آخرڪار ان کي هڪ گهر پسند آيو.

هاڻ هو هتي ماڻهن جي لاءِ هڪ ماني جي هوٽل کولڻ جو ارادو رکي ٿو. پر هن دنيا جي ٻين ماڻهن کي اسڪيم مان فائدو کڻڻ جو مشورو ڏنو آهي. پيشي جي لحاظ سان ڊيني ڊجيٽل ڪنسلٽنٽ آهي ۽ 10 سالن تائين اٽلي ۾ فلاحي ڪمن جو تجربو به رکي ٿو.

هو بريگزٽ معاملي کان پوءِ لندن ڇڏڻ جو ارادو رکي ٿو ۽ هاڻ هو مستقل طور تي اٽلي ۾ ئي رهائش اختيار ڪندو.پر ڊيني اهو به ٻڌايو ته گهر خريد ڪرڻ جو عمل ته آسان آهي پر ان کان پوءِ اوهان کي پاڻي ۽ بجلي جي لاءِ رقم جي فراهمي ۽ ٽيڪس رجسٽريشن  مان گذرڻو پوندو آهي.