ميھڙ ڀرسان ڳوٺ گھاڙي ۾ ٽن ٻارڙن جي ماءُ پاران مبينا آپگهات، پيءُ پاران قتل جو الزام، مڙس گرفتار

news

ميھڙ (رپورٽ: جاويد سومرو) ميھڙ ڀرسان ڳوٺ گھاڙي ۾ ٽن ٻارڙن جي ماءُ افشان زال محب ٿيٻو جو پنھنجي گھر جي ڪمري مان نڙي ۾ گولي لڳل لاش ھٿ آيو آهي.

مقتولا عورت جي مڙس محب ٿيٻو پاران پنھنجي زال افشان مٿان خودڪشي ڪرڻ جو بيان ڏنو، جڏھن ته مبينا طور خودڪشي ڪندڙ مسمات افشان جي والد سڪندر سانڌ پاران سندس مڙس تي قتل ڪرڻ جو الزام ھڻي ڇڏيو، جنھن بعد پوليس پاران مبينا طور قتل ڪيل افشان جي مڙس محب ٿيٻو کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو.

ھوڏانھن ميھڙ بي سيڪشن پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي جاءِ واردات جو جائزو وٺڻ کانپوءِ لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ تعلقي اسپتال ميھڙ آندو ويو، جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد سندس والد سڪندر سانڌ حوالي ڪيو ويو.

ان موقعي تي مبينا طور قتل ٿيل 3 ٻارڙن جي ماءُ مسمات افشان جي والد سڪندر سانڌ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منھنجي ڌيءَ افشان مٿان سندس مڙس بلاجواز روزانو تشدد ڪندو ھو، جنھن جون ڪيترائي ڀيرا مون کي شڪايتون ڪيون ھيون، منھنجي ڌيءَ خودڪشي ناھي ڪئي، سندس مڙس قتل ڪيو آھي، جنھن کي سزا ڏني وجي.

ھوڏانھن پنھنجي گھرواري کي مبينا طور قتل ڪرڻ جي الزام ۾ پوليس پاران پنھنجي حراست ۾ ورتل سندس مڙس محب ٿيٻو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منھنجي گھرواري افشان پنھنجي والدين سان گذريل 2 ڏينھن اڳ ڪيل خيرات جي ماني تي نه اچڻ ڪري کين ڪاوڙجي اڄ پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگھات ڪيو آھي، جڏھن تہ مون 3 سال اڳ 3 ٻارڙن جي ماءُ افشان سان پسند جو پرڻو ڪيو ھو، جيڪي ٽيئي ٻار سندس اڳئين مڙس مان آھن، مون مان کيس ڪو اولاد ناھي ٿيو، ھن چيو تہ اڄ صبح مان ٻني تي گاهه لاءِ ويو ھئس تہ پويان منھنجي گھرواري افشان پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪئي آھي، جنھن جو اطلاع مون کي ڏنو ويو جنھن بعد مان لاش تعلقي اسپتال ميھڙ کڻائي آيس ته پوليس مون کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو آھي,

ھوڏانھن رابطو ڪرڻ ايس ايڇ او نور مصطفيٰ پٺاڻ ٻڌايو ته گھاڙي واقعي بابت جاچ ڪري رھيا آھيون، مبينا قتل ٿيل عورت افشان جي مڙس کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي، سموريون حقيقتون جلد سامھون اچي وينديون في الحال واقعي بابت ڪجھ نه ٿو چئي سگھجي.

ھوڏانھن آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ناھي ٿي سگھيو.