واڻڪي وسي لڳ موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان ڦر، نوجوان جو احتجاج

news

مسوڀرڳڙي (رپورٽ: پانچورام) مسوڀرڳڙي لڳ ھٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ ڏوھاري سرگرم ٿي ويا.

رات دير سان واڻڪي وسي لڳ اعجاز علي ولد ڏاڏو جج کان موٽرسائيڪل، ھڪ موبائل، روڪ  ڏهه ھزار رپيا ۽ ضروري ڪاغذ ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

جنھن واقعي جي اين سي ھٽڙي ٿاڻي تي  داخل ڪرائي وئي آھي. جڏهن ته علائقي واسين جو چوڻ آھي ته ھر ڏينھن توڙي رات ڦرن جا واقعا ٿي رھيا آھن، خاص طور تي ڀينس ڪالوني کان واڻڪي وسي واري روڊ تي گشت نه ٿيڻ ڪري واقعا ٿين ٿا، ھنن چيو ته پوليس گشت وڌائي رھواسين جي جان جو تحفظ ڪيو وڃي.