اوڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ مٺو فقير باريجو مان عورت اغوا، ڪيس داخل

news

اوڏيرولال (رپورٽ: حافظ امتياز علي چنا) اوڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ مٺو فقير باريجو مان 40 سالا مسمات مريم مڱڻهار اغوا ٿي وئي آهي. 

ان سلسلي ۾ اوڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ مٺو فقير باريجو مان چئن جوابدارن چنيسر مڱڻهار، محمد اويس لغاري، علي اڪبر بروهي ۽ وسيم بروهي تي شاهپور ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ان موقعي تي اغوا ٿيل مسمات مريم مڱڻهار جي پٽ علي اصغر مڱڻهار ٻڌايو ته گذريل رات چئن جوابدارن هٿيارن جي زور تي گهر ۾ گهڙي اسان کي يرغمال بڻائي ڪمري ۾ بند ڪري منهنجي ماءُ کي زبردستي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا آهن.

شاهپور ٿاڻي جي اي ايس آءِ ابراهيم ساهووال رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. هن ٻڌايو ته جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.