جيڪب آباد پوليس پاران مقتول مھيش ڪمار جي قتل ۾ ملوث ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) پوليس نوجوان مھيش ڪمار جي قتل ۾ ملوث ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي، جوابدار جو اعترافي بيان سميت ٻيا ثبوت اڄ پريس ڪانفرنس ۾ ظاهر ڪيا ويندا.

14 ڏينهن اڳ تشدد بعد ساڙي بيدرديءَ سان قتل ڪيل نوجوان مھيش ڪمار جي قتل ۾ پوليس ويجهي دوست ونيب ڪمار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدار پوليس آڏو اعترافي بيان به رڪارڊ ڪرايو آهي.

ذريعن موجب ته پوليس ٻه ٻين ھندو نوجوانن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن کي نامعلوم ھنڌ منتقل ڪيو ويو.

جڏهن ته ان سلسلي ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد محمد طارق نواز رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مھيش ڪمار جي قتل ۾ ڪجهه گرفتاريون ڪيون ويون آهن، ونيب ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي ٻيا ثبوت آهن، جيڪي اڄ پريس ڪانفرنس ۾ ميڊيا آڏو پيش ڪيا ويندا.

ھوڏانھن ٻئي پاسي ھندو جنرل پنچائت جي صدر لال چند سيتلاڻي، چيمبرس آف ڪامرس جي صدر احمد علي بروهي نوجوان مھيش جي قتل ۾ گرفتار نوجوان ونيب ڪمار جي پيءُ گھنشام داس سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ايس ايس پي محمد طارق نواز نوجوان مھيش ڪمار جو خون لوڙھڻ چاھي ٿو.

الزام هيٺ نوجوان ونيب ڪمار بيڏوهي آهي، ايس ايس پي ڊرامو ڪري رهيو آهي ھنن چيو ته نوجوان به اسان جو قتل ٿيو آهي پريشان به ھندو برادري کي ڪيو پيو وڃي، ون فائيو انچارج طارق ترين ونيب ڪمار سميت پنج ھندو نوجوانن کي کنڀي کڻي ويو انھن تي تشدد ڪري زبردستي ڏوهه مڃرائي ٿو، ھندو جنرل پنچائت جي اڳواڻن ايس ايس پي جيڪب آباد کي ھٽائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ايماندار ايس ايس پي مقرر ڪيو وڃي ۽ نوجوان مھيش ڪمار جا اصل قاتل ظاهر ڪري وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جاري رکيو ويندو.