news
اسلام آباد

رمضان جي مهيني ۾ گيهه يوٽلٽي اسٽور تي سستو ٿي ويندو

اسلام آباد: حڪومت رمضان رليف پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن تحت يوٽلٽي اسٽور تي گيهه سستو ملندو.

خزاني جي وزير عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطه ڪميٽي جي اجلاس ۾ رمضان رليف پيڪيج جي منظوري ڏني وئي آهي.

رمضان پيڪيج تحت يوٽلٽيي اسٽورز کي 7 ارب 60 ڪروڙ روپين جي سبسڊي ڏني ويندي جڏهن ته يوٽلٽي اسٽورن تي گيهه 170 ۾ ملندو.