ڏهرڪي:پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي تي حملو، سئوٽ قتل، دوست اغوا

news

ڏھرڪي(رپورٽ:امداد علي سومرو) ڏھرڪي هڪ سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي تي ڏهرڪي ۾ حملو، هڪ ڄڻو مارجي ويو هٿياربند ناري ۽ ساڻس شادي ڪندڙ نوجوان جي دوست کي اغوا ڪري ويا

هي واقعو اڄ صبح جو ڏهرڪي بس اسٽينڊ تي پيش آيو آهي جتي ٻڌايو پيو وڃي ته پنجاب واسي محمد عمران پٽ نور محمد شر ظفر اقبال جي ڌي عائشه اقبال سان هڪ سال اڳ پسند جو پرڻو ڪيو هو جنهن تان ناري جا مائٽ مٿس ڪاوڙيل هئا .

عمران شر پنهنجي گهرواري عائشه اقبال سان گڏ پنهنجي دوستن کي ساڻ ڪري سکر ڪورٽ ۾ تحفظ واري داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي تي وڃي رهيا هئا ته بس اسٽينڊ ڏهرڪي وٽ ڪار سوار هٿياربندن مٿن حملو ڪيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ عمران شر جو سوٽ سبحان شر موقعي تي ئي قتل ٿي ويو جنهن بعد هٿياربند ناري عائشه ۽ ساڻس شادي ڪندڙ عمران شر جي اوٻاوڙو واسي دوست رحمان شيخ کي اغوا ڪري کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.