جيڪب آباد ۾ مقتول نوجوان مھيش ڪمار جي قتل بابت ايس ايس پي جي پريس ڪانفرنس، واقعي جا ثبوت پيش

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ۾ مقتول نوجوان مھيش ڪمار جي قاتل بابت ايس ايس پي جي پريس ڪانفرنس، مقتول جي قتل واري واقعي جا ثبوت ميڊيا آڏو پيش، ھندو پنچائت ۽ چيمبرس آف ڪامرس جي ھلندڙ احتجاجي تحريڪ ٻن ڏينهن لاءِ ملتوي.

خبر موجب 15 ڏينهن اڳ بيدرديءَ سان قتل ٿيل نوجوان مھيش ڪمار جي قتل بابت ايس ايس پي جيڪب آباد محمد طارق نواز پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نوجوان مھيش ڪمار کي سندس دوست ونيب ڪمار قتل ڪرڻ بعد سندس لاش ٻوري ۾ وجهي خالي پلاٽ تي ڦٽو ڪيو.

ايس ايس پي پريس ڪانفرنس دوران سي سي ٽي وي فوٽيج ميڊيا آڏو ظاهر ڪيا پوليس موجب ته جوابدار ونيب ڪمار 24 فيبروري جي شام 4 وڳي ڌاري مقتول مھيش ڪمار کي موٽرسائيڪل تي گھران وٺي ويو، جنهن بعد ٻئي نوجوان شھر جي مختلف رستن تي نظر آيا، جڏهن ته 5 وڳي شام ڌاري جوابدار ونيب ڪمار مقتول مھيش کي پنهنجي گھر وٺي ويو، جنهن کانپوءِ مھيش ڪمار اتان نه نڪتو ۽ اڌ رات جو ٽين وڳي ڌاري جوابدار کي ھڪ وزني ٻوري کڻي ڪار ۾ وجھندي سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏٺو ويو آهي.

پوليس موجب جوابدار ونيب ڪمار ڏوهه کي لڪائڻ خاطر لاش کي ٻوري ۾ وجهي الٽو ڪار نمبر اي يو واءِ 178 ۾ وجھي شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي ڏنگر محلا ۾ خالي پلاٽ تي ڦٽو ڪيو.

ايس ايس پي محمد طارق نواز ٻڌايو ته جوابدار ونيب ڪمار کان استعمال ٿيندڙ نائن ايم ايم پسٽل، مقتول جو موبائيل، مقتول جا ڪپڙا ۽ ٻيو قيمتي سامان ھٿ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار ونيب ڪمار ڏوهه جو پڻ اعتراف ڪيو آهي.

ايس ايس پي جي اھڙي پريس ڪانفرنس بعد ھندو جنرل پنچائت ۽ چيمبرس آف ڪامرس پاران ايس ايس پي خلاف ھلندڙ تحريڪ ٻن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪئي وئي آهي.

ان سلسلي ۾ ھندو جنرل پنچائت جي صدر لال چند سيتلاڻي ۽ چيمبرس آف ڪامرس جي صدر احمد علي بروهي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻه ڏينهن لاءِ ايس ايس پي خلاف ھلندڙ تحريڪ ملتوي ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي جي پريس ڪانفرنس مان مقتول نوجوان مھيش ڪمار جو پيءُ مطمئن ناهي ڇو ته ان خدشو ظاهر ڪيو آهي ته اھڙي ڏوهه ۾ ھڪ کان وڌيڪ جوابدار ملوث ٿي سگھن ٿا جنهن کي پوليس ظاھر ڪرڻ نه ٿي چاهي.

ھنن چيو ته ٻه ڏينهن بعد اجلاس ڪوٺائي وڌيڪ لائحه عمل جوڙيو ويندو.