سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فارميسي جي اسڪالر جو فائنل پي ايڇ ڊي سيمينار سورنهن مارچ تي ٿيندو

news

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي فئڪلٽي آف فارميسي ۾ فارما سيوٽڪس ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ اسڪالر سيد محمد مبشر شاهه جو فائنل سيمينار 16 مارچ 2021ع تي صبح جو ساڍي ڏهين وڳي فئڪلٽي آف فارميسي ۾ منعقد ٿيندو.

اسڪالر سيد محمد مبشر شاهه جو سپروائيزر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالله دايو ۽ ڪو سپروائيزر پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي گهوٽو آهي. اسڪالر جو ٽاپڪ ”حيدرآباد جي مختلف ميڊيڪل سينٽرن ۾ دم خلاف موجود دوائن جي تشخيص ۽ استعمال“ جي حوالي سان آهي.