ٽنڊو محمد خان لڳ ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، پيءُ فوت، پٽ شديد زخمي

news

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان شھيد بابا چيڪ پوسٽ روڊ تي تيز رفتار ٽرڪ  ۽ موٽر سائيڪل جي ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار پيرسن 52 سال جو عارب جعفري  موقعي تي فوت ٿي ويو.

جڏهن ته سندس نوجوان پٽ غلام رسول شديد زخمي ٿيڻ ڪري کيس نازڪ حالت ۾ حيدرآباد جي اسپتال نيو ويو.

ٻئي طرف ٽرڪ ڊرائيور کي شھيد بابا پوليس گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪندي ٽرڪ کي تحويل ۾ ورتو ويو آھي.