ميهڙ ۾ نوجوان شھري اتحاد پاران شاگرد عرفان جتوئي جي پوليس ھٿان مقابلو ڄاڻائي قتل ڪرڻ خلاف احتجاج

news

ميهڙ (رپورٽ: جاويد سومرو) سنڌ يونيورسٽي جي انٽرنيشنل ھاسٽل مان ٻن دوستن سميت کنڀي گم ڪيل نوجوان شاگرد عرفان جتوئي جي پوليس ھٿان مقابلو ڄاڻائي قتل ڪرڻ خلاف نوجوان شھري اتحاد طرفان مير عمران تيوڻو ۽ صابر حسين جويو جي اڳواڻي ۾ گھنٽا گھر چونڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

جنھن ۾ سول سوسائٽي، سياسي سماجي اڳواڻن جنھن ۾ پيپلز يوٿ جي اڳواڻ مير صدام حسين ٻلھڙو، عوامي ورڪرز پارٽي يونٽ ميھڙ جي سمير مگسي، اسد سيال، اسٽوڊنٽ پاور آف ميھڙ جي شاھزيب عطار، وقاص تنيو، آفاق سومرو، ينگ اسٽوڊنٽ آف ميھڙ جي ابوذر ٻگھيو، پي ٽي آءِ جي فتاح شاهه، سوشل  شاگردن سردار خان چانڊيو، دلبر حسين ڏھوٽ، ڪبير جانوري، سرمد چانڊيو، امان جانوري، قدير تيوڻو، فھد سومرو ۽ اسحاق بروھي سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، گھنٽا گھر چونڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاج ۾ سخت نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته يونيورسٽي مان کنڀي گم ڪيل نوجوان شاگرد عرفان جتوئي کي ڌاڙيل ڄاڻائي قتل ڪيو ويو آھي جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.