ڏوڪري ڀرسان جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل نينگر زخمن جا تاب نه سهندي فوت

news

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ جَلاب جتوئي ۾ هڪ مهينو اڳ جتوئي برادري جي 2 ڌرين ۾ جهيڙي دوران گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي ٿيل 9 سالن جو نينگر عديل جتوئي جناح اسپتال ڪراچي ۾ علاج دوران زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو آهي.

هوڏانهن لاش گهر پهچڻ تي گهرڀاتين ۾ قهرام مچي ويو، فوتي نينگر جي زخمي ٿيڻ واري واقعي بابت بقاپور ٿاڻي تي 6 جوابدارن خلاف ڪيس پڻ داخل ٿيل آهي.