نوابشاهه ۾ جوابدارن جون معصوم نياڻي جي اسڪول پڙهڻ وڃڻ تي ڌمڪيون، ماءُ جو تحفظ لاءِ احتجاج

news

نوابشاهه (رپورٽ: فدا چانڊيو) نوابشاهه جي علائقي سميرا ڪالوني جي رھواسڻ مسمات نوران زال سجاول چانڍيو پنھنجي پٽ فيروز ۽ پنجين ڪلاس ۾ پڙھندڙ نياڻي بينظير سان گڏجي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو آهي ته اڄ مان پنھنجي نياڻيءَ کي اسڪول ڇڏڻ لاء وڃي رھيو ھيم ته جوابدارن  لٺيون ڪھاڙيون کڻي اچي آڳ وٺي تشدد جو نشانو بڻايو، نياڻي کان ڪتاب به ڦريا ويا.

ھنن چيو ته جوابدار مسلسل ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته نياڻي کي نه پڙھايو ۽ جوابدارن اسان جي پلاٽ تي قبضو ڪيو آھي پوليس به مدد ڪرڻ لاء تيار ناهي مجبور ٿي پريس ڪلب آيا آھيون اسان انصاف ڪيو وڃي.