جيڪب آباد ۾ ھندو واپاري جي گھران ٽي تولا سون ۽ ڏهه ھزار روڪ رقم چوري

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ۾ ھندو واپاري جي گھران ٽي تولا سون ۽ 10 ھزار روڪ رقم چوري.

خبر موجب سٽي ٿاڻي جي حد شاهه غازي محله ۾ نامعلوم چور جئه پال جي گھر ۾ گھڙي الماڙي ٽوڙي ٽي تولا سون ۽ ڏهه ھزار روپيا روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پھچي جاءِ واردات جو معائنو ڪيو.

ھندو واپاري جئه پال موجب ته گھر بند ھو واپس اچڻ کانپوءِ دروازي ۽ الماڙي جا تالا ٽُٽل ھئا چور ٽي تولا سون ۽ 10 ھزار روڪ رقم چوري ڪري ويا آهن.