ڪورونا جي ٽئين لهر: پشاور جي وڌيڪ چئن علائقن ۾ مائيڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو

news

پشاور:(ڇنڇر 13 مارچ 2021ع) ڪورونا جي جاري ٽئين لهر ۾ پشاور جي وڌيڪ 4 علائقن ۾ مائيڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي.

ڊپٽي ڪمشنر پشاور ڪيپٽن(ر) خالد محمود طرفان جاري ڪيل بيان موجب پشاور جي علائقي حيات آباد فيز 1 جي گهٽي نمبر 9، گلبهار نمبر 4 جي گهٽي 3، ڊفينس ڪالوني جي گهٽي نمبر 11 ۽ حيات آباد فيز 6 جي گهٽي نمبر 5  ۾ ڇنڇر جي شام کان مائيڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو هوندو.

وفاقي حڪومت جي پاليسي ۽ هدايتن تي صرف گهٽين ۽ ننڍي علائقن ۾ مائيڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو پيو وڃي جنهن جو مقصد ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ آهي ان علائقن ۾ صرف ضروري شين، کائڻ پيئڻ، دوائن، جنرل اسٽور، تندور ۽ ايمرجنسي سروس جون دڪانون کليل رهنديون. ان علائقن جي مسجدن ۾ صرف 5 ماڻهن کي باجماعت نماز پڙهڻ جي اجازت هوندي. علائقي جي ميجسٽريٽ ۽ پوليس کي مائيڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون تي عمل ڪرڻ جي حوالي سان هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

ڀڃڪڙي ڪندڙن جي خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. واضح رهي ته ڪورونا جي ٽئين لهر ۾ اهو ٻيون اسمارٽ لاڪ ڊائون آهي. گذريل ڏينهن به 4 علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ويو هو جنهن ۾  حيات آباد فيز 4، ڪامي روڊ، حيات آباد فيز 7 ۽ مسلم آباد جو ڪشال ۾ مائيڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون جي دوران ان علائقن ۾ چرپر بند رهندي.