مسوڀرڳڙي ۾ پرهه ترقياتي تنظيم جي سڏ تي صفائي جو ڏهاڙو ملهايو ويو

news

مسوڀرڳڙي ( رپوٽ : پانچورام ) مسوڀرڳڙي ۾  پرھ ترقياتي تنظيم جي سڏ تي رائٽ پاٿ ويلفيئر آرگنائزيشن جي سهڪار سان تعلقي حيدرآباد جي يونين ڪائونسل مسو ڀرڳڙي ۾ سالياني هفته صفائي جو ڏهاڙو ملهايو ويو۔صفائي مهم جو افتتاح  سماج سڌارڪ رحمت الله سولنگي ۽ سيد وسيم شاه ڪيو.

ان موقعي تي مسوڀرڳڙي جي مختلف پاڙن جي گھٽين جي صفائي ڪري چن ھاريو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن گل محمد وگهيو، رحمت الله سولنگي، صحافي غلام قادر وسير، شفيق سولنگي، حاجي خان پنهور، مهراڻ شاههه ارشد خاصخيلي، امتياز نونداڻي، سيد مهراڻ شاھ، سيد علي رضا، عباس شاھ، سيد زين عباس، سيد فرحان، شير محمد وگهيو، عامر علي وگهيو، يونس وگهيو، سليم چنا، ملوڪ چنا، خدا ڏنو نونداڻي، خدن ڪلهوڙو، عرس ڪلهوڙو، فيضي، سجاد،شيزان، انور، دلدار، ماما جمن خاصخيلي ۽ ٻين صفائي مهم ۾ حصو ورتو.

آخر ۾ پريس ڪلب جي سامهون گندگي ھٽايو ماحول بچايو، وڻ لڳايو ۽ ڌرتي بچايو جي نعرن سان جاڳرتا ريلي ڪڍي ويئي،ان موقعي تي پرھ ترقياتي تنظيم جي اڳواڻ  رحمت الله سولنگي جاڳرتا ريلي جي خطاب ڪندي چيو ته صفائي ۽ سٺائي جو آغاز ھميشه پنھنجي گھر کان ڪرڻ گھرجي، اچو ته گڏجي پنھنجي ماحول کي خوبصورت بنائڻ لاءِ وڻ پوکيون ۽ پنهھجي گھر توڙي گھٽي کي صاف سترو رکون.

ريلي ۾ رائٽ پاٿ ويلفيئر  آرگنائزيشن جي اڳواڻ گل وگھيو چيو ته  گڏجي مختلف ڳوٺن ۾ صفائي جا ڏهاڙا ملهائينداسين ۽ ماحول کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ وڻ پوکينداسين، ھن چيو ته ھن ڪم ۾ نوجوانن پاران سھڪار ڪرڻ تي سندن ٿورائيتا آھيون.