سينيٽ چونڊ ۾ دلچسپي نه هئي، حصو وٺڻ گڏيل فيصلو هو: مولانا فضل الرحمان

news

ڊيره اسماعيل خان: (ڇنڇر 13 مارچ 2021ع) پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو اهي ته اليڪشن ۾ دلچسپي نه هئي پر حصو وٺڻ گڏيل فيصلو هو،  هن وقت عوام وٽ وڃڻ ضروري آهي. ڊيره اسماعيل خان ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته سينيٽ چونڊون انجنيئرڊ هيون. اليڪشن ۾ دلچسپي نه هئي پر حصو وٺڻ گڏيل فيصلو هو هن وقت عوام وٽ وڃڻ ضروري آهي. نه ته هو سمجهندا ته هي ماڻهو عهدن جي لاءِ وڙهي رهيا آهن.

معاشي بدحآلي ڏينهن به ڏينهن وڌندي پئي وڃي. عوام وڏي اذيت مان گذري رهي آهي.پي ڊي ايم جي سربراهه جو چوڻ هو ته سينيٽ چونڊن ۾ ڪيمرا ڪنهن لڳايا ڪنهن لاءِ لڳايا ۽ ووٽ ڪهڙي طريقي سان رد ٿيا ان جو سبب ڇا هو. ووٽ بدنيتي جي آڌار تي رد ڪيا ويا جيڪا راند کيڏي پئي وڃي ان بابت سڀ آگاهه آهن. اسان عدالت سان رابطو ڪنداسين.

مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ڊي ايم جا سمورا فيصلا گڏيل راءِ سان ٿيندا آهن. سڀ هڪ  پيج تي آهيون. آصف علي زرداري، مريم نواز ۽ عبدالغفور حيدري سان مڪمل رابطو آهي. 15 مارچ تي اسلام آباد ۾ پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس گهرايو پيو وڃي جنهن ۾ لانگ مارچ جي حوالي سان فيصلا ڪيا ويندا پارليامينٽ مان استعيفائون ڏيڻ کان سواءِ لانگ مارچ جو ڪوبه فائدو نه ٿيندو.